رينجرز پاران منشيات ۽ هٿيار اسمگلنگ ڪوشش ناڪام، 6 ڀارتي گرفتار

آگسٽ 22, 2023

راولپنڊي (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز ڀارت طرفان منشيات ۽ هٿيار اسمگلنگ جي وڏي ڪارروائي ناڪام بڻائي ڇڏي آهي

آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ کان 3 آگسٽ تائين دخل اندازي جي ڪوششن ۾ 6 ڀارتي اسمگلرن

کي گرفتار ڪيو ويو

گرفتار ڀارتي شهري منشيات ۽ ڳرن هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، گرفتار ڀارتي شهرين ۾ فيروزپور واسي گرميج سنگھه، شندر سنگھه، جگندر سنگھه ۽ وشال سنگھه شامل آهن، جالندر واسي مهيندر سنگھه ۽ لڌيانا واسي گرويندر سنگھه به گرفتار ٿيلن ۾ شامل آهن

آءِ ايس پي آر موجب گرفتار اسمگلرز خلاف پاڪستان ۾ غير قانوني داخل ٿيڻ ۽ رياست مخالف

سرگرمين تي ڪارروائي ڪئي وئي

ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڀارتي بي ايس ايف جو اسمگلرن سان امڪاني ڳٺجوڙ جو امڪان رد نٿو ڪري سگھجي، اميد ته بي ايس ايف سرحد جي نگراني جو نظام اثرائتو ۽ اسمگلرن سان ڳٺجوڙ ختم ڪندي

Leave A Comment