ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تباهي ڪناري، لائيو اسٽوڊيو جو ڪنسول خراب

جُولاءِ 7, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عدم دلچسپي سبب تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي

 مختلف مشهور پروگرام بند ٿيڻ ۽ تارن ڀري رات پروگرام ٻين اسٽيشنن ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ ريڊيو جو لائيو اسٽوڊيو به فني خرابين جي ورچڙهي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ريڊيو جي واحد لائيو اسٽوڊيو ۾ لڳل ڪنسول ڪيتري ئي عرصي کان خراب آهي

 جنهن سبب ريڊيو تان لائيو نشر ٿيندڙ پروگرامن جو معيار ڏينهون ڏينهن خراب کان خراب تر ٿيندو پيو وڃي. اسٽوڊيو ۾ لڳل مائيڪن کي زنگ لڳي ويو آهي جڏهن ته سائونڊ سسٽم متاثر هجڻ جي ڪري به پروگرامن جي معيار تي ناڪاري اثر پيا آهن

 اڳي ريڊيو جا 3 اسٽوڊيو هڪ ئي وقت فنڪشنل هوندا هئا جن کي وقت به وقت ختم ڪري هڪ ئي اسٽوڊيو مان لائيو نشريات شروع ڪئي وئي. هاڻي ان لائيو اسٽوڊيو جا به حال هيڻا ٿي ويا آهن

 ريڊيو ذريعن موجب ڪمپيوٽر ۽ سائونڊ سسٽم کي ڳنڍيندڙ يو پي ايس به ٻن مهينن کان خراب پيل آهي جنهن جي ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ جهٽڪن سبب لائيو نشريات اوچتو بند ٿي وڃي ٿي ۽ اها نشريات تيستائين بند رهي ٿي جيستائين بجلي جو فيز تبديل ڪري ڪمپيوٽر کي ٻيهر نه کولجي

 ان دوران ريڊيو جي لائيو اسٽوڊيو ۾ آواز بدران صرف خاموشي جو راڄ هوندو آهي. ريڊيو جا اڪثر سينيئر انجنيئر رٽائرڊ ٿي ويا آهن جڏهن ته باقي بچيل انجنيئرن کي ڪنسول جي مرمت ڪرڻ جي به تربيت حاصل ٿيل نه آهي جنهن جي ڪري خراب ٿيل ڪنسول کي ٺاهڻ لاءِ ڪو به انجنيئر ان ۾ هٿ وجهڻ لاءِ تيار نه آهي

 چيو پيو وڃي ته ريڊيو تي مقرر اسٽيشن ڊائريڪٽر، پروگرام مئنيجرن، سينيئر پروڊيوسرن ۽ پروڊيوسرن سميت ٻي عملي کي هر مهيني لکين رپين جو پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون پر ريڊيو جي اسٽوڊيو سميت ان جي پروگرامن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن جنهن جي ڪري ريڊيو جو معيار روزانو جي بنياد تي متاثر ٿي رهيو آهي

 ريڊيو ٻڌندڙن جو چوڻ آهي ته هو جديد دور ۾ به خط لکي ٽپال ۾ موڪلين ٿا ۽ پروگرامن جو انتظار ڪن ٿا پر روزانو جي بنياد تي فني خرابين سبب هو پروگرام مڪمل طور ٻڌي نٿا سگهن. هن وقت ملڪ ۾ برساتي ۽ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيل آهي

 ريڊيو ذريعي ٻهراڙي جا ماڻهو موسمي صورتحال کان واقف ٿين ٿا پر ريڊيو جا پروگرام متاثر ٿيڻ جي ڪري هو اها صورتحال ڄاڻڻ کان به قاصر رهن ٿا

 ريڊيو ٻڌندڙن مطالبو ڪيو آهي ته لائيو اسٽوڊيو جي صورتحال کي بهتر بڻائي پروگرامن جي معيار جو به خيال رکيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي پسند جا پروگرام مڪمل طور ٻڌي سگهن

Leave A Comment