| ريڊ لائين ڪراس ڪندڙ کي سزا ملي آهي، فيض حميد جو ساٿ ڏيندڙن جو به ٽرائل ٿيڻ گهرجي: وفاقي سرڪار |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار پاران اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي آيل سزا واري فيصلي تي رد عمل ۾ چيو ويو آهي ته فوج جو احتساب وارو نظام مضبوط آهي، فيض حميد جو ساٿ ڏيندڙن جو به ٽرائل ٿيڻ گهرجي. بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته قوم ڪيترن سالن تائين اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا جي پوکيل ٻج جو فصل ڪاٽيندي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي فيض حميد جي سزا متعلق آءِ ايس پي آر جي پڌرائيءَ سان گڏ شيئر ڪندي خواجه آصف وڌيڪ چيو ته الله اسان کي معاف ڪري ۽ طاقت ۽ اقتدار کي الله جي ڏنل نعمت سمجهي ان کي پنهنجي مخلوق جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ خوف خدا حڪمرانن جو طريقو بڻجي وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ چيو ته اڄ ريڊ لائن ڪراس ڪندڙ شخص کي سزا ملي آهي، قانون کان ڪو به مٿانهون ناهي، ريڊ لائن ڪراس ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. وفاقي وزير چيو ته فيض حميد پي ٽي آءِ جو سياسي مشير به هو. اڄ جو فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي.وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءٌ الله چيو ته فوج جو اندروني احتساب جو نظام مضبوط آهي. فيض حميد جو ساٿ ڏيندڙن جو به ٽرائل ٿيڻ گهرجي۔ فيض حميد منهنجي خلاف ٺاهيل ڪيس ۾ به هو سڌو ريت ملوث هو۔ آئون سزا تي خوشي جو اظهار نه پيو ڪريان، فوج جهڙي اداري جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ته فيض حميد سياسي سرگرمين ۾ ملوث هو ته هو اڪيلو هي ڪم نٿو ڪري سگهي ضرور ڪو سياستدان گڏ هو. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ قيادت اُن جو ساٿ ڏئي رهي هئي، جيڪي سياستدان شامل هئا، انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي۔ فيض حميد جي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ بابت به خدشا آهن۔ جيڪي ماڻهو اِن سان گڏ ملوث هئا، انهن جو ٽرائل به فوجي عدالت ۾ ٿي سگهي ٿو۔