| ريڙهي ڇو ڌڪي: ڪراچي ۾ ٽريفڪ اهلڪار کي ڪٽڪو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ريڙهي کي پوئتي ڪرڻ تي ٽريفڪ پوليس جي آفيسر تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، صدر لڪي اسٽار ويجهو روڊ تي بيٺل ريڙهو هٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي ٽريفڪ پوليس جي آفيسر تي ريڙهي مالڪ پٺاڻن پاران وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن سبب هو ڪري پيو، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس نمائشي ڪاروائي ڪندي ڪيس داخل ڪيو جنهن ۾ رڳو قلم 341 شامل ڪيو ويو، ڪيس ۾ نه ئي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جا قلم شامل ڪيا ويا نه ئي وردي ۾ هٿ وجهڻ جا قلم شامل ڪيا ويا، پوليس ڪاروائي ڪندي پوليس آفيسر تي تشدد ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.