اصل جنگ ڪٿي ٻئي هنڌ ٿي رهي آهي. اچو ته صورتحال کي وڏي پس منظر ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون… هر ڪو “ايران” جي ڳالهه ڪري رهيو آهي۔… هو خامنه اي جي ڳالهه ڪن ٿا… ٻيا اسرائيل جي ڳالهه ڪن ٿا… پر مان ڪجهه ٻيو ڏسي رهيو آهيان… اصل جنگ ڪٿي ٻئي هنڌ ٿي رهي آهي۔
مان اوهان کي ٻه واقعا ڏيکارڻ وارو آهيان۔ ظاهر ۾ انهن جو پاڻ ۾ ڪو لاڳاپو نه ٿو لڳي۔ پر اهي ڳنڍيل آهن… ۽ مان اوهان کي ٻڌايان ٿو ته ڪيئن انھن جو ڳانڍاپو آهي۔
پهريون واقعو:
آمريڪا وينزويلا ۾ هڪ آپريشن ڪيو۔ مادورو کي گرفتار ڪيو ويو۔ سڀني چيو: “آمر ڪري پيو” ۽ تاڙيون وڄايون۔ ڪجهه ماڻهن چيو ته اهو بين الاقوامي قانون جي خلاف آهي۔ پر ڪنهن به اهو سوال نه ڪيو: وينزويلا جو سڀ کان وڏو تيل خريدار ڪير هو؟ …. چين۔
وينزويلا روزانو 800,000 بيرل تيل سڌو چين کي وڪرو ڪري رهيو هو۔ مادورو ويو… ۽ اها سپلائي لائين ڪٽي وئي۔
ٻيو واقعو:
آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملو ڪيو۔ خامنه اي مارجي ويا۔ سڀني چيو: “ايٽمي خطرو ختم ٿي ويو”۔ ڪجهه ماڻهن تاڙيون وڄايون، ڪجهه ماڻهن احتجاج ڪيو۔ پر ڪنهن به اهو سوال نه ڪيو: ايران جو سڀ کان وڏو تيل خريدار ڪير هو؟ …..چين۔
ايران روزانو 1.5 ملين بيرل تيل سڌو چين کي وڪرو ڪري رهيو هو۔ جنگ شروع ٿي… ۽ اها سپلائي به بند ٿي وئي۔
مختلف ملڪ۔ مختلف براعظم۔ مختلف جواز۔ پر خريدار هڪ ئي: چين۔ ڇا اهو صرف اتفاق آهي؟… نه۔
اچو ته سمجهون… رَي ڊاليو جو نظريو واضح آهي: جڏهن هڪ اڀرندڙ طاقت ڪنهن اسريل طاقت جي ويجهو پهچي ٿي ته ٽڪراءُ اڻٽر ٿي وڃي ٿو۔
هي منظر اڳ به ڏٺو ويو آهي۔
جرمني اڀريو ۽ برطانيا جي ويجهو پهتو….. نتيجو: پهرين عالمي جنگ۔
جاپان اڀريو ۽ بحرالڪاهل ۾ آمريڪا جي ويجهو ٿيو … نتيجو: ٻي عالمي جنگ۔
سوويت يونين اڀريو ۽ آمريڪا کي چيلينج ڪيو …. نتيجو: سرد جنگ۔
هاڻي چين جي صورتحال ڏسو۔
چين اڪيلو دنيا جي 28٪ پيداوار ڏئي ٿو۔ ۽ هر سال آمريڪا جي ويجهو ٿيندو پيو وڃي۔ ماهرن جي اڳڪٿي آهي ته 2030 تائين چين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بڻجي ويندو۔ اهو آمريڪا لاءِ هڪ وجودي بحران آهي۔ ڪنهن به سپر پاور لاءِ سڀ کان خطرناڪ لمحو اهو هوندو آهي جڏهن ان جو حريف ان کي پٺتي ڇڏڻ جي ويجهو هجي۔ يا ته اوهان ان کي ان ئي وقت روڪيو… يا پوءِ ڪڏهن به نه روڪي سگهندا۔…. ۽ جيڪو ڪجهه اوهان اڄ ڏسي رهيا آهيو… اهو انهيء عمل جو حصو آهي۔
ڪيئن؟ اچو ته سمجھون:
چين پنهنجي ضرورت جو 73٪ تيل درآمد ڪري ٿو۔ ان جي پنهنجي پيداوار ڪافي ناهي۔
ٿورو تصور ڪريو:
اوهان جي سامهون هڪ وڏي انجڻ آهي۔ انتهائي طاقتور۔ دنيا جي چوٿين حصي جي پيداوار هلائي ٿي۔ پر ان جي هڪ ڪمزوري آهي: اها پنهنجو ٻارڻ پاڻ پيدا نٿي ڪري۔ ان انجڻ جون چار فيول پائيپ لائينون آهن:
1. وينزويلا
2. ايران
3. روس
4. سعودي عرب
آمريڪا ڇا ڪري ٿو؟
اهو انهن پائيپ لائينن کي ڪٽي ٿو۔
وينزويلا — بند
ايران — بند
روس — پابندين هيٺ
سعودي عرب — جنگي حالتن سبب متاثر
انجڻ کي روڪڻ لاءِ ان سان وڙهڻ ضروري ناهي۔ ان جو ٻارٽ بند ڪريو… اها پاڻ ئي بيهي رهندي۔
هي ياد رکو:
وينزويلا کان سپلائي بند: 800,000 بيرل روزانو
ايران کان سپلائي بند: 1.5 ملين بيرل روزانو
ڪل: 2.3 ملين بيرل روزانو.
چين جي روزاني درآمد: لڳ ڀڳ 11 ملين بيرل
صرف ٻن مهينن ۾ چين جي 20٪ سپلائي ختم ٿي وئي۔ ۽ ڪنهن ڌيان نه ڏنو… ڇو ته سڀني جون نظرون ايران تي هيون۔
پر توانائي ئي سڀ ڪجهه ناهي۔ چين هڪ ٻي شيءِ به ٺاهي رهيو هو: جديد شاهراهه ريشم۔… بيجنگ کان يورپ جي دل تائين پکڙيل وڏو واپاري نيٽورڪ … ريلويز، بندرگاهون، پائيپ لائينون، کربين ڊالرن جي سيڙپڪاري۔
پر ڇو؟، ڇو ته جيڪو يورپ سان واپار کي ڪنٽرول ڪندو، اهو عالمي معيشت کي ڪنٽرول ڪندو۔… ۽ يورپ چين ڏانهن جهڪي رهيو هو۔
جرمني جو هاڻي وڏو واپاري ساٿي آمريڪا نه پر چين آهي.
فرانس، نوان معاهدا ڪري رهيو آهي اٽلي، باضابطه طور هن منصوبي ۾ شامل ٿي چڪو آهي. يورپ آهستي آهستي آمريڪا کان پري ٿي چين ڏانهن وڃي رهيو هو۔
اهو آمريڪا لاءِ ٻيو بحران آهي:
1. چين جي معاشي برتري
2. يورپ جو هٿ مان نڪري وڃڻ
جيڪڏهن آمريڪا يورپ وڃائي ڇڏي… ته ان وٽ ڇا بچندو؟ هٿيار ۽ ڊالر — ۽ اهو ڪافي نه هوندو۔
ان دوران… ايران تي حملو ٿيو۔
ايران شاهراهه ريشم جو اهم حصو هو۔ ان جو استحڪام چين جي يورپ تائين رسائي لاءِ ضروري هو۔ اهو استحڪام ختم ڪيو ويو۔
هڪ ئي قدم ۾ آمريڪا ٻه ڪم ڪيا:
1. چين جي ٻارڻ سپلائي ڪٽي
2. ان جا واپاري رستا متاثر ڪيا
انجڻ کان ٻارڻ کسيو ويو … ۽ رستو بند.
هاڻي اڳتي هڪ نقطو بچي ٿو:
تائيوان۔
اهو ڇو اهم آهي؟
دنيا جوث 90٪ جديد ترين اليڪٽرانڪ چِپس اتي ٺهن ٿيون. اوهان جو فون، گاڏي، هٿيار – سڀ ان تي دارومدار رکن ٿا۔ جيڪو تائيوان کي ڪنٽرول ڪندو… اهو 21هين صديءَ جي ٽيڪنالاجي کي ڪنٽرول ڪندو۔
آمريڪا چوي ٿو: “اسين تائيوان جو دفاع ڪنداسين”
چين چوي ٿو: “تائيوان اسان جو آهي… طاقت سان به وٺنداسين”
هتي ڪنهن به قسم جي سمجهوتي جي گنجائش ناهي۔
۽ اهو ئي اهو مقام آهي، جتي ڊاليو جو نظريو درست ثابت ٿئي ٿو۔
اهي سڀ قدم… انهيء وڏي ٽڪراءُ جي تياري آهن۔
تصور ڪريو ٻه باڪسر… هڪ باڪسر ٻئي باڪسر سان وڙهڻ کان اڳ ان جو پاڻي ۽ خوراڪ بند ڪري ٿو۔
وينزويلا: بند
ايران: بند
روس: محدود
يورپ: پري
ميدان: تائيوان
۽ ان ڏانهن پيش قدمي هر ڏينهن تيز ٿي رهي آهي۔
پر هڪ ٻيو پهلو به آهي:
آمريڪا رڳو چين کي ڪمزور نٿو ڪري… اهو فائدو به وٺي رهيو آهي۔ هر جنگ جو مطلب آهي هٿيارن جي وڪرو۔ جڏهن وچ اوڀر ۾ بم ڪرن ٿا… خليجي ملڪ ڇا ڪن ٿا؟
هو هٿيار خريد ڪن ٿا۔ ہر ڪنهن کان؟… آمريڪا کان۔
سعودي عرب، يو اي اي، قطر – سڀ پنهنجون دفاعي بجيٽون وڌائين ٿا۔
هر ڌماڪو = هڪ معاهدو
هر بحران = هڪ ڊيل
هر جنگ = اربين ڊالر
آمريڪا چين جي سپلائي ڪٽي ٿو… ۽ پنهنجي معيشت کي سگھارو ڪري ٿو۔
هڪ حڪمت عملي… پنج فائدا:
1. چين جي توانائي روڪڻ
2. ان جا واپاري رستا متاثر ڪرڻ
3. علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ
4. هٿيارن مان منافعو ڪمائڻ
5. تائيوان کان اڳ چين کي ڪمزور ڪرڻ
ماڻهو الڳ الڳ جنگيون ڏسن ٿا۔ مان هڪ ئي حڪمت عملي ڏسان ٿو۔ وينزويلا هڪ محاذ آهي۔ ايران هڪ محاذ آهي. روس هڪ محاذ آهي۔ يورپ هڪ محاذ آهي۔ پر جنگ هڪ آهي۔ ۽ هدف صرف هڪ:
چين.