ٻن سببن جي ڪري سنڌ ۾ زرعي پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام انتهائي اهم آهي. هڪ ته سنڌ ۾ قدرتي لاهي (سلوپ) نه هجڻ جي برابر آهي ۽ ٻيو ته سنڌو درياهه مان وهندڙ 14 مکيه آبپاشي واهن سبب تمام وڏي مقدار ۾ پاڻي زمين مٿان موجود رهي ٿو، جنهن سان سم ۽ ڪلر جو انديشو هوندو آهي. زرعي زمينن تان نيڪال لاءِ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي ايل بي او ڊي يعني ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين ۽ ساڄي ڪپ تي آر بي او ڊي جي شڪل ۾ ٻه وڏا ڊرينيج منصوبا عمل هيٺ آندا ويا. ٻنهي رٿائن ۾ وڏا فني مسئلا درپيش رهيا. ايل بي او ڊي جو سمنڊ ڏانهن نيڪال وارو سرشتو عملي طور ختم ٿيل آهي ۽ آر بي او ڊي اڻپورو آهي.
سنڌ ۾ آبپاشي ۽ نيڪال جو نظام نهايت اوکو آهي. سنئين لهواريءَ کانسواءِ ڪيترائي مسئلا موجود آهن. سنڌ ۾ قدرتي لاهي هڪ ميل ۾ 6 کان 8 انچ آهي. درياهه جي ساڄي ڪپ تان رڳو واهه نٿا وهن پر بلوچستان جي جابلو پٽي ۽ کيرٿر جي پهاڙي سلسلي مان ايندڙ نين جا تکا وهڪرا به هڪ وڏو قدرتي چئلينج آهن.
سکر بئراج ٺهڻ کان اڳ ساڄي ڪپ تي آبپاشيءَ جو ڪوبه جديد ڍانچو موجود نه هو. آبپاشي اٿل واهن ۽ نارن (Persian Wheels) وسيلي ٿيندي هئي. سنڌو درياهه بند ٻڌجڻ کان اڳ مختلف پاسن کان وهڪرا مٽائيندو رهندو هو. سکر بئراج آبپاشي نظام جي پهرين جديد رٿا هئي، جيڪا 1932ع ۾ ٺهي راس ٿي. هن بئراج مان 7 مکيه واهه نڪرن ٿا ۽ ان لحاظ کان دنيا جي وڏن آبپاشي نظامن مان هڪ آهي. بئراج جي اڏاوت وقت به انجنيئرن کي ايڏي وڏي آبپاشي نظام سبب سم ۽ ڪلر جو الڪو هو. 1929ع ۾ لکيل هڪ دستاويز “سنڌ ۾ لائڊ بئراج ۽ واهن بابت رپورٽ” جي ماهر ليکڪن سر وِسِويسوَرايا ۽ نواب علي نواز جُنگ بهادر لکيو ته، “آبپاشي جي ايندڙ ڏينهن ۾ ترقي جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته جر جي چاڙهه کي ڪيترو ضابطي هيٺ رکي سگهجي ٿو. چيف انجنيئر جي رٿ آهي ته نون واهن مان ڪجهه آبپاشي ڪري جر جي سطح تي ان جي اثرن چٽي ٿيڻ کانپوءِ نيڪال واري ڪم ۾ هٿ وجهجي. بئراج رٿا جي ڪاميابي جر توڙي نيڪال وارن مسئلن سان اهم ڳانڍاپو رکي ٿي.
سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي وڏي علائقي ۾ ساريون پوکجن ٿيون. سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي رپورٽ موجب 20-2019ع ۾ جيڪب آباد، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ دادو ۾ اٽڪل 14 لک ايڪڙن تي سارين جي پوک ڪئي وئي. سارين جو فصل تمام گهڻو پاڻي پيئي ٿو. هڪ ڪاٿي موجب هڪ ڪلو گرام چانور پوکڻ تي 3 کان 5 هزار ليٽر پاڻي گهرجي. ٻيو ته سارين جي پوک لاءِ اسان وٽ ٻني- ٻوڙ (Flood Irrigation) طريقو استعمال ٿئي ٿو، جنهن ۾ تمام گهڻو پاڻيءَ جو ذيان ٿئي ٿو. ايترو پاڻي وهائڻ جي نتيجي ۾ پاڻيءَ جو وڏو حصو سمي جر ۾ وڃي ٿو، جيڪو سم ۽ ڪلر جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ان لحاظ کان ڏسجي ته سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ وارن علائقن ۾ زمين کي سم ۽ ڪلر کان بچائڻ لاءِ ڊرينيج جو نظام هڪ اڻٽر گهرج آهي.
سکر بئراج ٺهڻ کان اڳ ساڄي ڪپ تي درياهه جو هڪ پراڻو وهڪرو “اولهندو نارو” وهندو هو، جنهن کي سکر بئراج ٺهڻ وقت “مين نارا ويلي” طور رٿا جو حصو بڻايو ويو. بئراج جي رٿا ۾ هن وهڪري کي شڪل ڏني وئي ته جيئن کيرٿر جبل تان لهندڙ وهڪرا فلڊ پروٽيڪشن بند (ايف بي بند) کي اورانگهي وڃن ته اهي ايم اين وي وسيلي منڇر تائين پهچائي سگهجن ۽ بئراج جي واهن تي آباد ٿيندڙ ايراضي کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي. تاريخي طور ايم اين وي مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو هو پر سکر بئراج ٺهڻ کانپوءِ زرعي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪا متبادل ڊرين ٺاهڻ بجاءِ ايم اين وي کي سم نالي ۾ بدلايو ويو. 1966ع ۾ ڊولپمينٽ آف لوئر بندس ريجن هيٺ ماٽ مڪڊونلڊ ۽ هنٽنگ ٽيڪنيڪل سروسز يو ڪي مختلف رپورٽون تيار ڪيون، جن ۾ ساڄي ڪپ وارن علائقن مان پاڻي جي نيڪال تي به ڪم ڪيو ويو. پاءُ صدي گذرڻ کانپوءِ تبديل ٿيل حالتن آهر ان ريسرچ کي اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ 1992ع ۾ رائيٽ بينڪ ماسٽر پلان تي ڪم ڪيو ويو.
ان وچ ۾ ساڄي ڪپ تان زرعي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ واپڊا پاران 1976ع ۾ ايم اين وي کي سم نالي ۾ بدلائي ان کي مين نارا ويلي ڊرين قرار ڏنو ويو ۽ ڪيميائي ڀاڻ توڙي زرعي دوائن سان ڀريل گدلو پاڻي ان نالي وسيلي منڇر ڍنڍ ۾ اماڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. واپڊا وارن جو خيال هو ته منڇر وڏي ڍنڍ آهي، جنهن ۾ نين، برساتن ۽ سنڌو درياهه جو پاڻي ايندو رهي ٿو ۽ اهو ايم اين وي ڊرين مان ايندڙ گدلاڻ کي ڇڊو ڪري ڇڏيندو. واپڊا جي غلط دعوائن جي نتيجي ۾ ڪجهه ورهين اندر ئي منڇر جو پاڻي گدلو ٿيڻ لڳو. ان ۾ مڇيءَ جا قسم ختم ٿيڻ لڳا، مڇي گهٽجڻ لڳي، پرڏيهي پکين جي آمد گهٽجي وئي، آبي ٻوٽا مرڻ لڳا، ان جي پاڻيءَ تي آباد ٿيندڙ زمين خراب ٿيڻ لڳي، ان تي ٿيندڙ فصلن جي اپت گهٽجڻ لڳي، منڇر جو پاڻي واپرائيندڙن ۾ چمڙي ۽ پيٽ جون بيماريون پکڙجڻ لڳيون ۽ گذر سفر جا وسيلا گهٽجڻ کانپوءِ مهاڻا مجبور ٿي لڏڻ لڳا.
ايتري دانهن ڪوڪ تي 1993ع ۾ تڏهوڪي وزيراعظم بينظير ڀٽو واپڊا کي هدايت ڪئي ته رائيٽ بينڪ ماسٽر پلان هيٺ آر بي او ڊي رٿا شروع ڪري ماحولياتي مسئلن جو حل ڪڍيو وڃي. واپڊا منڇر کي بچائڻ لاءِ ايم اين وي جو پاڻي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ “انڊس لنڪ” وسيلي موڙڻ لاءِ آپشنز پيش ڪيا. انهن ۾ هڪ آپشن هو ته ان پاڻيءَ کي درياهه مٿان سائفن واهه وسيلي اڀرندي پاسي پهچائي ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي. اها رٿا تمام مهانگي هئي، ڇو ته ان لاءِ ايل بي او ڊي جي مکيه سم نالي ۽ ان تي ٺهيل اسٽرڪچرز جي ريماڊلنگ ڪرڻي پئي ها. ٻيو آپشن ڏنو ويو ته ايم اين وي جي پاڻيءَ کي انڊس لنڪ وسيلي سنڌو درياهه ۾ اڇليو وڃي. ان تي به سنڌ سرڪار کي اعتراض هو ته جڏهن گهٽ وهڪري واري وقت اهو پاڻي درياهه ۾ ويندو ته اهو درياهه جي پاڻيءَ کي زهريلو ڪندو. ان پاڻيءَ کي ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٺٽي ۽ ٻين لاڙ وارن ضلعن ۾ پيئڻ لاءِ توڙي آباديءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ايم اين وي جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان لکين ماڻهن جي صحت لاءِ جوکم پيدا ٿي سگهيو ٿي. هڪ ٽيون آپشن اهو به ڏنو ويو ته انڊس لنڪ کي ڏاکڻي پاسي وڌائي سيوهڻ کان هيٺ کيرٿر جي هنج ۾ قدرتي کامن ۾ اڇلجي، جتان اهو ٻاڦجي ختم ٿي وڃي. البته اتي موجود ايراضي پاڻيءَ جي مقدار کان گهٽ هجڻ سبب اهو طريقو به عمل جوڳو نه ٿي لڳو. ايئن فني بنيادن تي واپڊا پاران ڏنل سمورا آپشنز رد ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران آر بي او ڊي-ٽو رٿا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن وسيلي انڊس لنڪ کي نئين 273 ڪلوميٽر ڊگهي سم نالي وسيلي درياهه جي ساڄي ڪپ کان گهارو ڪريڪ وٽ سمنڊ ۾ اڇلڻ جو رٿيو ويو.
ياد رهي ته 1966ع ۾ تيار ڪيل لوئر انڊس رپورٽ ۾ ماهرن تڏهن ئي چئي ڇڏيو هو ته سنڌو جي ٻنهي پاسي گدلي پاڻيءَ کي ڊگهين سم نالين وسيلي عربي سمنڊ تائين پهچائڻ جي ضرورت پوندي. رائيٽ بينڪ ماسٽر پلان ۾ به ماهرن جي آر بي او ڊي جي پاڻي کي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي، اتي اهو به چيو ويو هو ته آر بي او ڊي کي چئن مرحلن ۾ ٺاهيو وڃي. پهرين ٻن مرحلن جو پاڻي درياهه ۾ ڇڏي ان جي اثرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ٻين ٻن مرحلن تي عملدرآمد ڪجي.
سنڌ حڪومت 1996ع ۾ آر بي او ڊي-ٽو رٿا تي سوچ ويچار شروع ڪيو پر ان جي پي سي-ون نومبر 2001ع ۾ وڃي تيار ٿي، جنهن جي خرچ جو ڪاٿو ان وقت 14 ارب روپيا لڳايو ويو. ان دوران تڏهوڪي وزيراعظم ظفرالله جمالي واپڊا کي حڪم ڪيو ته آر بي او ڊي (ٿري) وسيلي ان سم نالي کي وڌائي بلوچستان تائين آندو وڃي ته جيئن سنڌ جي سرحد سان لڳندڙ بلوچستان جي زرعي علائقي جو پاڻي به ان وسيلي نيڪال ڪيو وڃي. ظفرالله جمالي پاڻ به انهيءَ علائقي جو زميندار هو. واپڊا کي پتو هو ته آر بي او ڊي -ون اڳي ئي منڇر کي تباهه ڪري چڪي هئي ۽ اڃا به سمنڊ ڏانهن نيڪال واري رٿا به عمل هيٺ نه آئي آهي. ان صورتحال ۾ آر بي او ڊي-ون جا رهيل مرحلا ۽ ان رٿا کي بلوچستان تائين نه وڌائڻ گهرجي ها، پر واپڊا وارن ان زميني حقيقت کي اورانگهيندي سرڪاري حڪم جي تعميل ڪندي آر بي او ڊي (ٿري) تي عمل شروع ڪري ڏنو، جنهن هيٺ 139 ڪلوميٽر ڊگهو نئون سم نالو تعمير ڪري ان کي هيردين ڊرين سان ڳنڍي آر بي او ڊي-ون جو حصو بنايو ويو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي آر بي او ڊي-ٽو رٿا جي گنجائش 2271 ڪيوسڪ مان وڌائي 3525 ڪيوسڪ ڪرڻ ۽ ان کي ڊسمبر 2008ع تائين مڪمل ڪرڻ لاءِ واڌو بجيٽ جو اڌ ڏيڻو ڪيو. نئين ڊزائين مطابق رٿا جو ڪاٿو وڌي 29.27 ارب روپيا ٿي ويو. ان وچ ۾ منڇر ڍنڍ جي ماحولياتي صحت مڪمل طور برباد ٿي چڪي هئي. 2004ع ۾ منڇر مان ڇڏيل پاڻي دريا وسيلي واپرائڻ سبب حيدرآباد ۾ 51 ماڻهو مري ويا. ان سانحي کانپوءِ ان ڳالهه جي ضرورت کي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪيو ويو ته آر بي او ڊي (ٽو) کي جلد کان جلد مڪمل ڪري ان جو پاڻي سمنڊ ڏانهن اماڻيو وڃي. دريا جي ساڄي ڪپ تان آر بي او ڊي سم نالي کي سمنڊ تائين پهچڻ ۾ هڪ وڏي رنڊڪ زمين جي سوڙهي پٽي آهي. سيوهڻ کان هيٺ دريا سان لڳ انڊس هاءِ وي، ريلوي لائين ۽ کيرٿر جبل آهي. درياهه ۽ انڊس هاءِ وي جي وچ ۾ ڪجهه هنڌن تي ته زمين نه هجڻ جي برابر آهي. ان ڪري آر بي او ڊي جي نالي ڪيترن ئي هنڌن تي يا ته درياهه سان بلڪل لڳو لڳ آهي يا وري ڪٿي ته درياهه جي پيٽ اندر آهي، جتي گهڻي وهڪري وقت درياهه پکڙجڻ سان پاڻي اتي پهچي ٿو وڃي. ان نوعيت جي لنگهن وٽ ناليءَ جي ڪپن کي پٿرن جو تهه ڏئي پڪو ڪيو ويو آهي. ڪن هنڌن تي ان جو ترو به پڪو ڪيو ويو آهي ته جيئن ان مان پاڻي سمي درياهه سان ملي نه وڃي. 2010ع واري ٻوڏ ۾ سم نالي جي ڪيترن هنڌن تي مرمت به ضروري ٿي پئي. انهن سببن جي ڪري ان جي ڪٿيل قيمت ۾ لڳاتار واڌ ايندي رهي ۽ 2017ع ۾ ان جو نئون ڪاٿو 62 ارب روپين تائين پهچي ويو.
بدقسمتي سان اها رٿا هن وقت به اڻپوري آهي ۽ 2015ع کانپوءِ ان تي ڪا به نمايان اڳڀرائي نه ٿي آهي. عملي طور هيءَ رٿا هن وقت ڄڻ ته اڌ ۾ ڦٽي ڪيل آهي. 2024-2023ع جي سالياني ترقياتي رٿا ۾ وفاقي سرڪار ان لاءِ ڪا به رقم ناهي رکي، جڏهن ته سنڌ سرڪار ان لاءِ 5 لک روپين جي نالي ماتر بجيٽ رکي آهي. صاف نظر اچي ٿو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ان رٿا ۾ ڪا به دلچسپي نه پيون وٺن ۽ ان مان هٿ ڪڍي ڇڏيا اٿن.
آر بي او ڊي ساڄي ڪپ تي زراعت، ٻوڏ جي انتظامڪاري ۽ منڇر جي بحاليءَ لاءِ اهم رٿا آهي. ان جو ڇوڙ تائين مڪمل نه ٿيڻ سبب ساڄي ڪپ جي زمينن جو سمورو نيڪال منڇر ۾ ٿي رهيو آهي. جن مهينن ۾ منڇر ۾ نين يا دريا مان پاڻي گهٽ ٿو اچي، ان ۾ منڇر جو پاڻي واهپي جوڳو نٿو رهي. ان لڳاتار وهڪري سبب منڇر هوريان هوريان ماحولياتي موت جو شڪار ٿي رهي آهي ته ان جي پاڻيءَ تي آباد ٿيندڙ پيدواري صلاحيت به ختم ٿي رهي آهي. جولاءِ 2001ع ۾ نيسپاڪ پاران منڇر ڍنڍ تي ڪيل هڪ رپورٽ ۾ منڇر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ آباد ٿيندڙ اهڙي زرعي زمين جي ايراضي 83575 ايڪڙ ڄاڻائي وئي آهي. ان مان سڌو سنئون نين جي پاڻيءَ تي آباد ٿيندڙ 20 هزار ايڪڙ ڪڍي ڇڏجن تڏهن به اٽڪل 63 هزار ايڪڙ زمين جي آبادي جو دارومدار منڇر ڍنڍ جي پاڻيءَ تي آهي. اهڙي طرح ان علائقي جي آبادي جو وڏو حصو پيئڻ جو پاڻي منڇر مان وٺي ٿو. اهڙي ريت منڇر جي ماحولياتي تباهيءَ سبب ان جي پيٽ اندر ٿيندڙ آبي ٻوٽا (بِهه، ڪوڻيون، ڪُم وغيره) ۽ مڇيءَ جا قسم به ختم ٿي رهيا آهن.
آر بي او ڊي رٿا مڪمل نه ٿيڻ سبب اهو سمورو ماحولياتي نظام تباهه ٿي ويندو. وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي بنا دير ان رٿا کي، ايندڙ رنڊڪون ختم ڪري ان جي اڏاوت کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.