رٽائرمينٽ بعد آرمي ايڪٽ جي لتاڙ: اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل (ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل شروع، فوج هٿان گرفتار
آگسٽ 13, 2024
راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ لفيٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪري ڪورٽ مارشل شروع ڪيو ويو آهي
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيض حميد کي آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو آهي، فيض حميد خلاف رٽائرمينٽ کانپوءِ آرمي ايڪٽ جون ڪيتريون ئي ڀڃڪڙيون ثابت ٿيون آهن
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٽاپ سٽي ڪيس ۾ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف شڪايتن جي ازالي لاءِ پاڪ فوج طرفان تفصيلي جاچ ڪئي وئي
ترجمان موجب جاچ کانپوءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف پاڪ آرمي ايڪٽ تحت مناسب ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل رٽائرڊ فيض حميد رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪيترن ئي موقعن تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي
ان سلسلي ۾ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ماضي ۾ به ڪيترن ئي سينئر آفيسرن کي آرمي رولز ۽ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سخت سزائون ملي چڪيون آهن، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي جيڪا احتساب جي سلسلي جي ڪڙي آهي
آءِ ايس پي آر موجب ائين پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي پر فوج پنهنجي ڪڙي احتسابي عمل کي ڪيترائي ڀيرا عملي شڪل ڏني آهي ۽ اهڙو قسم جي احتسابي عمل جو مثال ڪنهن ٻئي اداري ۾ نه ٿو ملي
آءِ ايس پي آر موجب فوج هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو ته ڪو به شخص ڀلي ڪيتري ئي مٿين عهدي تي ڇو نه هجي قانون کان مٿڀرو ناهي ۽ ٻئي ڳالهه آهي ته پاڪ فوج جو احتساب عملي نهايت شفاف ۽ سخت آهي، جيڪو فوري طور حرڪت ۾ اچي حقيقتن ۽ ثبوتن جي روشني ۾ معاملن کي قانون موجب اڪلائيندو آهي