رٽائرمينٽ بعد قانوني رنڊڪ ٽوڙڻ ۽ غلط بياني: قمر باجوه ۽ فيض حميد کي نوٽيس

آڪٽوبر 9, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رٽائرمينٽ کانپوءِ قانوني رنڊڪ ٽوڙڻ ۽ مختلف ايونٽس کي غلط بيان ڪرڻ بابت ڪيس ۾ اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

عاطف علي نالي هڪ شهري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته صحافي جاويد چوڌري ۽ شاهد ميتلا ٻه تڪراري آرٽيڪلز لکيا، انهن آرٽيڪلز سان معاشري تي ناڪاري اثر پيا

درخواست موجب اظهار جي آزاديءَ جي آر ۾ مجرماڻي رويي جو مظاهرو ڪيو ويو، اهو مجرماڻو عمل اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي جنرل فيض حميد جي ملي ڀڳت سان ٿيو

داخل ڪرايل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ايف آءِ کي ذڪر ڪيل ماڻهن خلاف ڪارروائي لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا، فيض حميد، ٻنهي صحافين ۽ واڳيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • راجا رزاق جو شعر، ايوان ۾ ٽهڪڙا، متحده ناراض