| رٽائرمينٽ ويجهو پهچندڙ رونالڊو کي ڪيريئر ۾ پهريون ريڊ ڪارڊ ملي ويو، ميدان مان ٻاهر، سزا جو امڪان |
ڊبلن (اسپورٽس نيوز) تازو ئي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندڙ پرتگالي فٽ بالر ڪرسٽيانا رونالڊو کي پنهنجي عالمي ڪيريئر دوران پهريون ڀيرو ريڊ ڪارڊ ملي ويو. هي ريڊ ڪارڊ پرتگال ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ گذريل ڏينهن کيڏيل ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچ دوران مشهور فٽ بالر کي ڏيکاريو ويو، جنهن کان پوءِ کيس سخت سزا ملي سگهي ٿي، 40 سالن جي رونالڊو کي ڊبلن ۾ ميچ دوران 61 هين منٽ ۾، جڏهن هن آف دي بال ايڪشن ۾ آئرش ڊي فائينڊر ڊارا اوشي کي ٺوٺ هنئي ته کيس ميدان کان ٻاهر موڪليو ويو. پهريون ته ميدان ۾ موجود ريفري گلن نيبرگ ان کي ڦڪو ڪارڊ ڏيکاريو، پر وڊيو اسسٽنٽ ريڊري (VAR) فيلڊ جائزو وٺڻ جي تجويز ڏني، جنهن کان پوءِ رونالڊو کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاريو ويو، پرتگال اڳ ۾ ئي ٽراءِ پيرٽ جي ٻئي هاف ۾ 0-2 گولن سان پوئتي هيو، واضح رهي ته هي رونالڊو جو پنهنجي رڪارڊ ساز عالمي ڪيريئر ۾ پهريون ريڊ ڪارڊ آهي، جتي هن 226 ميچن ۾ 143 گول ڪيا آهن. ان دوران، هو ڪلب سطح تي 13 ڀيرا ريڊ ڪارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، فيفا قاعدن مطابق، تشدد وارو رويو هجڻ تي گهٽ ۾ گهٽ 3 ميچن جي پابندي لاڳو ٿي سگهي ٿي، جنهن سان رونالڊو ورلڊ ڪپ جي شروعاتي هڪ يا ٻه ميچن کان ٻاهر ٿي سگهي ٿو. گذريل ڏينهن ٿيندڙ ميچ ۾ آئرلينڊ پرتگال کي 0-2 سان شڪست ڏئي، 2026 ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جا امڪان وڌايا آهن.