ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) رپئي جي اڏام جاري آهي ڊالر وڌيڪ 11 رپيا سستو ٿي 274 رپيا ٿي ويو جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به وڏي تيزي اچي وئي آهي
اڄ صبح ڪاروبار شروع ٿيندي ئي انٽربينڪ ۾ رپئي اڳيان ڊالر ڦهڪو اچي ڪيو ۽ 7 رپيا 71 پيسا سستو ٿي ويو جنهن بعد انٽربينڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 78 پيسا وڪرو ٿيڻ لڳو
ڪاروبار ۾ تيزي اچڻ بعد ڊالر وڌيڪ 4 رپيا سستو ٿي 274 رپيا 98 پيسا وڪامڻ لڳو جڏهن ته ڪالهه به ڊالر 5 رپيا سستو ٿيو هو جنهن سبب واپارين جو وڃايل سرمايو واپس اچڻ شروع ٿي ويو آهي
ٻئي طرف فاريڪس ايڪسچينج ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ملڪ بوستان چيو آهي ته پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان جيئن ئي معاهدو ٿيو آهي ڊالر جو اگهه هيٺ اچڻ شروع ٿي ويو آهي
سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن ان اميد تي ڊالر روڪي رکيا هئا ته ڊالر 500 رپين تائين هليو ويندو انهن جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو آهي هاڻ کين تڪڙو پنهنجا ڊالر مارڪيٽ ۾ آڻڻا پوندا ٻي صورت کين اڃا به وڌيڪ نقصان ٿيندو
ملڪ بوستان وڌيڪ چيو ته بلوم برگ به رپورٽ ڏني آهي ته ڊالر 240 رپين تائين اچي سگهي ٿو جنهن سان رپئي جي قدر وڌندي ۽ پاڪستانين لاءِ سٺا ڏينهن اچڻ وارا آهن