رپئي جي اڏام: ڊالر هڪ ئي ڌڪ ۾ 11 رپيا سستو ٿي ويو

جُون 1, 2023

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ 11 روپين جي وڏي لاٿ اچي وئي آهي جنهن بعد پاڪستاني رپئي کي وڏي مضبوطي ملي وئي آهي

ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر گذريل ڏينهن 211 روپين تي بند ٿيو هو، هڪ ڌڪ سان 11 روپين جي لاٿ بعد اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هاڻي 299 روپيا 50 پئسن جو ٿي ويو

هي به پڙهندا

 انٽر بينڪ ۾ به ڊالر 285 روپين جو ٿي ويو، ڪرنسي ڊيلرز موجب اسٽيٽ بينڪ پاران ڪريڊٽ ڪارڊ جي ادائگي لاءِ انٽربينڪ مان خريداري جي اجازت ڏيڻ سبب ڊالر جي ملهه ۾ لاٿ ٿي

ڪامرس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊالر ۾ لاٿ اچڻ بعد اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو پڻ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي

Leave A Comment