آءِ جي جيل فارغ، ڊي آءِ جي ۽ سپرنٽينڊنٽ جيل معطل
جُون 3, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملير جيل مان قيدي فرار ٿين جي رپورٽ تيار ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ حڪومت ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.
واقعي بعد آءِ جي جيل ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ معطل ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي جاچ پڻ جاري آهي،
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ انعام ميمڻ جو اهو به چوڻ هو ته اسين فرار ٿيل قيدين ۽ سندس وارثن تي اهو واضع ڪيون ٿا ته هو 24 ڪلاڪن اندر فرار ٿيل قيدي جي ڪڏهن پيش پوندو ته ان سان جيل جي قانون موجب نرمي ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن فرار ٿيل قيدي پيش نٿو پوي ته ان کي گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني ويندي.
ياد رهي ته ڪراچي ۾ زلزلي جا جهٽڪا بعد ملير جيل جي بيرڪن مان ٻاهر ڪڍيل 216 قيدي فرار ٿي ويا هئا.