| رپڙي ويجھو سام طور ڏنل ڳورهاري ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل |
رپڙي (رپورٽ: خواجه نياز احمد) رپڙي ڀرسان ڪيٽي کرل آباد ۾ ست مهينا اڳ پرڻيل 22 ورهين جي ممتاز خاتون زال ضمير ڪڙيو کي جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ست مهينا اڳ مقتولا ناري ممتاز خاتون جي ضمير ڪڙيو سان شادي ٿي هئي، جيڪا حمل سان پڻ ھئي، ڪجهه ڏينهن اڳ ناري جي ساهرن ڪارنهن الزام مڙهيو اهڙي معاملي جو فيصلو پڻ ٿيو، فيصلو ڪندڙ علي حيدر کرل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتولا ناري جي ساهرن فون تي ڳالهائڻ جو الزام هنيو جڏهن ته ڪارنهن الزام ثابت نه ڪيو شڪ جي بنياد تي کين الزام هيٺ آيل ڌر مٿان ساڍا ٽي لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو 50 هزار رپيا ڏنڊ جي ادائگي پڻ ٿي جيڪو ڌرين قبول ڪيو، جڏهن ته ناري کي ڪڙيا برادري جي چڱي مڙس غلام سرور ڪڙيو کي سام طور ڏني وئي، گلوسيال پوليس ٻڌايو ته جوابدار امير ڪڙيو ساٿين سان گڏجي نوجوان ناري ممتاز خاتون کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو جڏهن ته الزام هيٺ آيل نوجوان ادريس ڪڙيو مٿان پڻ حملو ڪيو پر نوجوان کسڪي ويو. ضروري ڪارروائي بعد مقتولا عورت جو مڙھ سندس والد ممتاز ڪڙيو جي حوالي ڪيو ويو جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.