رپڙي ڀرسان قبائلي دهشتگردي: گهر تي حملو، زال مڙس ۽ پٽ قتل، 2 نينگريون زخمي

اپريل 16, 2025

رپڙي(رپورٽ: نياز خواجا) رپڙي ويجهو ھٿياربندن جو پراڻي دشمني تان گهر تي حملو، فائرنگ ۾ زال مڙس ۽ نوجوان پٽ قتل، 2 نينگريون زخمي، مقتولن جا مڙهه پوليس پھري ھيٺ مٽيءَ ماءُ حوالي، علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙيل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڦلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پنھل خان ڪورائي ڀرسان زمين تي ويٺل پورھيت نادر علي ڪورائي جي گهر تي ھٿياربندن ڪاهه ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي 58 سالا نادر علي ڪورائي، سندس گهر واري 52 سالا زبيدهه خاتون ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب 2 نينگريون 6 سالا رحيمان ۽ 12 سالا فائزهه زخمي ٿي پيون، ھٿياربند گهر ڌڻي جي پٽ يونيورسٽي جي شاگرد لعل بخش عرف فياض ڪورائي کي کنڀي ڳوٺ ٻاھران گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي واقعي واري هنڌ لانڍيون پوليس پھچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي نينگرين کي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد ٽئي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڳوٺ ۾ قيامت برپا ٿي وئي، ھڪ ئي وقت ٽن گهر ڀاتين جا لاش کڄڻ مھل ڪھرام مچي ويو، مقتولن جا لاش پوليس جي سخت پھري ھيٺ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، واقعي سبب علائقي ۾ سخت خوف هراس ڦهلجي ويو، جوابدار درياهه پار ڪري فرار ٿي ويا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

جوابدار ڌر جو ويڊيو بيان، پلاند ۾ حملو ڪرڻ جو اعتراف

رپڙي: جوابدار ڌر پاران سوشل ميڊيا تي ويڊيو بيان جاري، پلاند ۾ حملو ڪرڻ جو اعتراف، حملي ۾ ملوث ستار ڪورائي سوشل ميڊيا تي ويڊيو بيان جاري ڪندي ڏوھ جو اعتراف ڪيو آهي، وڊيو ۾ هن چيو ته 10 سال اڳ منهنجي ڀاءُ  الياس ۽ ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو هو، گهرن کي باهيون ڏئي زمين تي پڻ قبضو ڪيو ويو، مون بار بار فيصلو گهريو پر فيصلو نه ڪيو ويو، جنهن ڪري پلاند طور حملو ڪري مخالفن کي قتل ڪيو آهي.

ستار ڪورائي ۽ ٻين بنا جواز حملو ڪري 3 ماڻهو ماريا: مقتول جو ڀاءُ

رپڙي: مقتول نادر علي جي ڀاءُ اياز ڪورائي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھادي بخش ۽ الياس وارن جو پاڻ ۾ زمين اجي معاملي تان تڪرار ۾ ھادي بخش ڪورائي قتل ٿيو ۽ وري پلاند ۾ ستار جي ڀاءُ الياس کي قتل ڪيو ويو هو، ان معاملي جون اسان ڪوشش ڪري ڳالھيون پڻ رکرايون ھيون پر ستار واري ڌر ڳالھيون نه ڪيون ۽ وري بيگناھ اسان جا ماڻهو ماري ظلم ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Leave A Comment