رٿابندي ڪندڙن ۾ هٿ پوڻ تائين سلسلو ختم نه ٿيندو، هڪ ٻن ڏينهن ۾ وڌيڪ فيصلا ايندا: حڪومت
ڊسمبر 22, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اڃا رڳو 9 مئي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪارڪنن جي ڳچي ۾هٿ پيا آهن، ڀيانڪ ڏينهن جي منصوبابندي ڪندڙن ۾ جيستائين قانون هٿ نه وجهندو، تيستائين اهو سلسلو رڪجي نه سگهندو، فوجي عدالتن طرفان 9 مئي سانحي جي ڏوهارين کي سزا ٻڌائڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي خواجه آصف چيو ته اڄ 9 مئي سانحي جي 25 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون ويون، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته آمريڪا ۽ برطانيا جيان فوري انصاف ٿئي ها، سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ دفاع واري وزير چيو ته 9 مئي واقعي جي جوابدارن جي سزائن ۾ دير سبب جوابدارن ۽ سهولتڪارن جا حوصلا وڌيا، واقعي جي مذمت ڪرڻ بدران شهيدن ۽ غازين جي توهين ڪندڙن کي هيرو بڻايو ويو، جيستائين قانون ڪاري ڏينهن جي سازش ڪندڙن ۾ هٿ نه وجهندو. جيڪڏهن قانون ڪاري ڏينهن جي منصوبا بندي ڪندڙن ۾ قانون هٿ نه وڌو ته اهڙن عناصرن جا حوصلا وطن دشمن وڌائيندا رهندا. هوڏانهن رانا ثناءُالله چيو آهي ته 9مئي ڪيسن جا وڌيڪ فيصلا هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿيندا، عمران جو 190ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي، هن چيو ته ڳالهيون 9 مئي جي ڪيسن سان جڙيل نه هجڻ گهرجن.