رڪارڊ ٽوڙيم پر بهترين فاسٽ بالر وسيم اڪرم ئي آهي: اسٽارڪ

رڪارڊ ٽوڙيم پر بهترين فاسٽ بالر وسيم اڪرم ئي آهي: اسٽارڪ

برسبين(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ليجنڊ سوئنگ بالر وسيم اڪرم جو رڪارڊ ٽوڙڻ باوجود آسٽريليا جي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ وسيم اڪرم کي ئي دنيا جو بهترين فاسٽ بالر قرار ڏنو آهي. مچل اسٽارڪ 414 وڪيٽون وٺڻ جو وسيم اڪرم جو رڪارڊ ٽوڙيو ۽ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ لفٽ آرم فاسٽ بالر بڻجي ويو. مچل اسٽارڪ چيو ته مان تمام گهڻو خوش آهيان ته منهنجو نالو به وسيم اڪرم جهڙي عظيم اڳواڻ سان ورتو پيو وڃي، پر مان صرف پنهنجي ڪارڪردگي سان وڪيٽون وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ڪالهه، وسيم اڪرم به سوشل ميڊيا تي مچل اسٽارڪ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته توهان هڪ تمام محنتي بالر آهيو ۽ مون کي خوشي آهي ته توهان منهنجو رڪارڊ ٽوڙيو. ياد رهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ فاسٽ بالر انگلينڊ جو جيمس اينڊرسن آهي، جنهن 188 ميچن ۾ 704 وڪيٽون ورتيون.