| رڪاوٽ ناهيون: گلزار عالماڻي اسانجو وڪيل ناهي: جتوئي هائوس |
مورو: نوان جتوئي ھائوس جي ترجمان غلام رسول پيرزادو واضح ڪيو آھي ته غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور احمد جتوئي خلاف ھلندڙ ڪيسن ۾ اسان جا وڪيل ارشاد احمد جتوئي، عبدالله ڪورائي ۽ لياقت جتوئي آھن، انهي کانسواءِ ٻي ڪا ليگل ٽيم ناھي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته وڪيل گلزار عالماڻي ڪنھن ڪيس ۾ 6 مھينا پھريان وڪيل ھو پر ھاڻي ناھي. هن چيو ته جتوئي ڀائرن جو چوڻ آھي ته لغاري ۽ ٻين برادرين جي اسيرن جي ضمانتن يا ڪيس ختم ڪرائڻ ۾ اسان رڪاوٽ ناھيون، اسان جي پنهنجي ڪوشش آھي ته مظلومن سان داد رسي ٿئي. ترجمان واضح ڪيو آھي ته لغاري ڀائرن جي پريس ڪانفرنس ظاھر ڪري پئي ته اھا ڪنھن جي اشاري تي ڪرائي وئي آھي جنھن ۾ سڌي ريت غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور احمد جتوئي تي سڌا الزام هڻي ذميوار ڄاڻايو پيو وڃي.