فيض گنج ( ن پ ا) فيض گنج جي معطل ڪيل فوڊ انسپيڪٽر جو وڊيو بيان وائرل ٿي ويو جنهن ۾ هن کي ڪرپشن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو
فوڊ انسپڪٽر خالد راڄپر وڊيو بيان ۾ چئي رهيو آهي ته ڊي ايف سي خيرپور منور ميراڻي، ظهير شر ۽ ٻيا به ڪڻڪ جي سمگلنگ ۾ ملوث آهن
هن چيوته پڪڙيل 4 ٽرالر سمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن واپس ڪرائي ڪراچي اماڻيا، معطل وري صرف مون کي ڪيو ويو
فوڊ انسپيڪٽر جو چوڻ آهي ته سکر ڪنڌ ڪوٽ ڪمشور لاڙڪاڻو ۾ ڪڻڪ خريد ڪرڻ دوران هڪ ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ملوث آفيسرن خلاف گهوٻين جا ڪيس به هلندڙ آهن
هن جو چوڻ آهي ته ڪرپشن سبب خيرپور ۾ ڪڻڪ خريدڻ جو هدف پورو نه ٿي سگهيو آهي،ا ڳ به ڪوٽ لالو جي فوڊ انسپڪٽر رحمت الله راڄپر واپاري عاطف چڍڙ جون سوين ٻوريون پڪڙيون هنيون ڊي ايف سي ۽ ظهير شر منهنجي سامهون 15لک رپيا وٺي ٽرڪ ان سميت ڇڏي ڏني هئي
خالد راڄپر چيو ته خيرپور سميت سموري سنڌ ۾ خوراڪ کاتي اندر ڪرپشن ڪئي وئي آهي جنهن جي اعليٰ ادارا جاچ ڪن اڇا ڪارا سامهون اچي ويندا
فوڊ انسپيڪٽر چيو ته 2018 ع ۾َفيض گنج ۾َڪروڙرپين جي ڪرپشن ڪئي وئي جنهن جا جوابدار اڃ تائين جيل ۾ آهن