رڳو افغان پناهگيرن خلاف نه غيرقانوني ترسيل سمورن پرڏيهين خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي: پرڏيهي ترجمان

آڪٽوبر 5, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت پاران چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ رڳو افغان پناهگيرن نه پر غير قانوني طور ترسيل سمورن پرڏيهين خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي

پرڏيهي وزارت جي ترجمان زهريٰ بلوچ جو هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان جي افغان پناهگيرن بابت پاليسي تبديل نه ٿي آهي، افغان پناهگيرن جي خلاف نه پر غير قانوني پناهگيرن جي خلاف آهيون

 سندس چوڻ هو ته پاڪ افغان ٻطرفي تجارت بند نه ٿي آهي، اهي بي بنياد رپورٽس آهن، پاڪستان افغانستان جي عبوري حڪومت سان ڳالهيون جاري رکندو

زهريٰ بلوچ وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جو غير قانوني استعمال روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي

Leave A Comment