رڳو پنجاب ترقي ٻيا صوبا نه، اها پاڪستان جي ترقي ناهي: وزيراعظم

رڳو پنجاب ترقي ٻيا صوبا نه، اها پاڪستان جي ترقي ناهي: وزيراعظم

گلگت (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب ترقي ڪندو ۽ باقي صوبا ترقي نه ڪندا ته اها صرف پنجاب جي ترقي هوندي، پاڪستان جي ترقي نه هوندي. وزيراعظم گلگت بلتستان لاءِ قابل تجديد توانائي سولر بجلي، سيف سٽيز، ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ يوٿ بزنس ۽ ايگري لون اسڪيم جي افتتاح ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 دانش اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۽ سنڌ ترقي ڪندا ۽ بلوچستان ۽ ڪي پي ترقي نه ڪندا ته اها صرف ٻن صوبن جي ترقي هوندي، پاڪستان جي ترقي نه هوندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان پاڪستان جي ترقي جي هن ڊوڙ ۾ شامل نه هوندا ۽ برابر جا نه هوندا ته اها پاڪستان جي ترقي ناهي. پنجاب ۾ وڏي وزير طور دانش اسڪول جي بنياد رکي، گلگت بلتستان ۾ 4 دانش اسڪول قائم ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري لاءِ گلگت بلتستان پهتو.وزيراعظم جي گورنر گلگت بلتستان سيد مهدي شاهه ۽ نگران وڏي وزير گلگت بلتستان جسٽس رٽائرڊ يار محمد سان الڳ الڳ ملاقات ٿي.