رڳو ڪينيا وڃڻو آهي: ارشد شريف قتل ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ جمع

رڳو ڪينيا وڃڻو آهي: ارشد شريف قتل ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ سينيئر اينڪر پرسن ارشد شريف جي قتل ڪيس بابت حڪومت جاچ جي حوالي تفصيلي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي۔ رپورٽ ۾ حڪومت طرفان کنيل مختلف قدمن ۽ جاچ واري عمل جا تفصيل شامل آهن۔ ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي۔ عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته پيش ڪيل رپورٽ ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) جي جاچ بابت تفصيلن سان گڏ ايندڙ مرحلن ۾ کنيا ويندڙ قدمن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي۔ ٻڌڻي دوران ايڊيشل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هاڻي جي آءِ ٽي کي صرف ڪينيا وڃي شاهديون گڏ ڪرڻيون آهن، جنهن کان پوءِ واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺي جاچ کي حتمي شڪل ڏني ويندي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سياري جي عدالتي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔ واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي دوران عدالت حڪومت کي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي۔