| رڳو 4 ويزائون ڇو؟ ايران جو فيفا ورلڊ ڪپ ڊراز جي بائيڪاٽ جو اعلان |
تهران (اسپورٽس نيوز) آمريڪا پاران ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ ايران 5 ڊسمبر تي واشنگٽن ۾ ٿيندڙ 2026ع فيفا ورلڊ ڪپ جي ڊراز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. ايراني فٽبال فيڊريشن جي ترجمان امير مهدي علوي چيو ته ايراني وفد ڊراز تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو ڇاڪاڻ ته آمريڪا صرف چئن عهديدارن کي ويزا جاري ڪئي ، جن ۾ ايراني ٽيم جو هيڊ ڪوچ به شامل هو، جڏهن ته ايران فٽبال فيڊريشن جي صدر مهدي تاج کي ويزا جاري نه ملي. ايراني فٽبال فيڊريشن جي ترجمان آمريڪي قدم کي راندين جي اصولن جي خلاف ورزي قرار ڏنو. رپورٽن موجب، ايراني فٽبال فيڊريشن فيفا کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايران مارچ ۾ 2026 فيفا ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي.