رڻوير سنگهه پاران “ڊان 3“ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار

رڻوير سنگهه پاران “ڊان 3“ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڌريندر فيم بالي ووڊ هيرو رڻوير سنگهه مشهور فلم سيريز “ڊان” جي ايندڙ فلم ‘ڊان 3’ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهنبعد  2023 ۾ اداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر فرحان اختر پنهنجي نئين فلم ڊان 3 جو اعلان ڪندي چيو هو ته هن ڀيري رڻوير سنگهه بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان جي جاءِ تي ڊان طور ڪم ڪندو. رپورٽن موجب ڌريندر جي ڪاميابي کانپوءِ رڻوير سنگهه سنجي ليلا ڀنسالي ۽ لوڪيش ڪنگراج جهڙن فلمسازن سان ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، مٿان وري هو   گينگسٽر وارن  ڪردارن ۾ نظر  اچڻ نٿو چاهي.