قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد واسي ذوالفقار کوسو پنهنجي زال سميت گم ٿي ويو، وارثن پاران ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي
ڳوٺ رسول بخش کوسو جي رھواسي جان محمد چانڊيو، نواب ولي محمد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ ذوالفقار علي چانڊيو گذريل ويهن ڏينهن کان پنهنجي زال سميت گم آهي
هن چيو ته ڀاءُ جي شادي ڪراچي مان اجنبي عورت ثناءَ سان ٿيل آهي، 20 ڏينهن اڳ ڀاءُ ذوالفقار گهر جو سامان، چوپائي مال جا چار ڍور، موٽر سائيڪل الھه تلھه وڪرو ڪريگهر واري سان گڏ گم ٿي ويو آهي
ڀاءُ جي گهر واري ثناءَ چالاڪ عورت آهي، اسان جو ڀاءُ اڻ پڙهيل ماڻهو آهي، ڀاءُ جي ڳولا لاءِ نواب ولي محمد ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي
هن چيو ته ڀاءُ جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نواب شاهه کي اپيل آهي ته ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي