خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت زال کي خرچ نه ڏيندڙ مڙس جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري ڪيو ويو
ڪنگري واسي پٺاڻ خان ميتلو کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، خيرپور جي ٿرڊ سول جج خالد حسين جي عدالت طرفان مسمات تهمينه کي خرچ نه ڏيڻ تي سندس مڙس پٺاڻ خان ولد محبوب علي ميتلو جا اڳ به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا
گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود پوليس طرفان جوابدار گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش نه ڪرائڻ تي عدالت ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا