زال کي قتل ڪري ڊاڪٽر جو آپگهات

جُون 9, 2025

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ڀارت جي شهر بمبئي مان سکر واسي سنجي ڪمار ۽ سندس گهرواري جا لاش هٿ آيا آهن،

چئو ٻول آهن ته سکر کان ڀارت لڏي ويندڙ نوجوان سنجي ڪماري پنهجي گهرواري سپنا ڪماري کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته سنجي ڪمار پنهجي ٻن ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ بعد انتهائي قدم کنيو آهي.

ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار موجب ڇهه مهينا اڳ سنجي ڪمار پنهجي گهرواري ۽ ٻن ٻارڙن سان گڏ سکر کان لڏپلاڻ ڪري ڀارت بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي.

جڏهن ته سنجي پاران انتهائي قدم کڻڻ جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو. اسڪول کان واپس موٽندڙ ٻار گهر جو دروازو نه کلڻ سبب ٻاهر بيٺل رهيا، دروازو نه کلڻ تي پاڙي وارن سنجي ڪمار کي ڪالز ڪيون پر اٽينڊ نه ٿيون

پاڙيسرين بمبئي پوليس کي اهڙي اطلاع ڏني پوليس پهچي دروازو ٽوڙيو ته ٻنهي جا چاڪو لڳل لاش هٿ آيا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب