ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم/شاهد ميراڻي) پيپلز پارٽي جي نئين سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪامورن جون وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون شروع ڪري ڇڏيون آهن
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب زاهد عباسي کي تعليم کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته شيرين مصطفي کي بدلي ڪري کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي
ڪمشنر حيدرآباد حيدر شاهه کي مڪاني کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو جڏهن ته حيدرآباد ۾ نئون ڪمشنر مقرر ڪرڻ بدران 18 هين گريڊ جي ايڊيشنل ڪمشنر احمد علي قريشي کي 20هين گريڊ جي ڪمشنر واري اضافي چارج ڏني وئي آهي
آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر (سول) ظريف کيڙو کي سيڪريٽري آبپاشي مقرر ڪيو ويو جڏهن ته فياض جتوئي ناڻي کاتي جو سيڪريٽري ٿي ويو
فرحت جوڻيجو کي ائنٽي ڪرپشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ذوالفقار شاهه کي هٽايو ويو آهي
بقاءُ الله اُنڙ کي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته اعجاز شاهه کي زراعت کاتي مان هٽائي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو
محمد علي شاهه کي ڊي سي گهوٽڪي مقرر ڪري آغا شير زمان کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سي ايم انسپيڪيشن ٽيم وارو چيئرمين رفيق ٻرڙو بدلي ڪري زراعت کاتي ۾ مقرر ڪيو ويو
اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جر ڊائريڪٽر شهزاد فضل عباسي کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو سندس جاءِ تي امتياز ابڙو کي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪيو ويو
اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي اسپيشل سيڪريٽري بخش علي مهر کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو
سنڌ حڪومت جو انوکو فيصلو
آبپاشي کاتي ۾ مقرر ڪيل سيڪريٽري 3 ڪلاڪن ۾ عهدي تان هٽايو ويو، ناڻي کاتي مان بدلي ڪري آبپاشي ۾ سيڪريٽري طور مقرر ڪيل 21هين گريڊ جي ڪاظم جتوئي کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو