زاهد ميراڻي جو چاليهو: قاتل گرفتار نه ٿيا: جدوجهد ڪاميٽي پاران وزير اعليٰ هائوس آڏو ڌرڻي جو چتاءُ
جنوري 20, 2025
ملير (رپورٽر) گلشن حديد جي اربع بچت بازار ۾ قتل ڪيل نوجوان زاهد ميراڻي جو چاليهو، جدوجهد ڪميٽي پاران قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻي جو چتاءُ، خبر موجب: گلشن حديد جي اربع بچت بازار ۾ قتل ڪيل نوجوان زاهد ميراڻي جو چاليهو پپري ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، چاليهي بعد شهيد زاهد ميراڻي جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن ماجد سڪندر ملاح، ڊاڪٽر انعام سيال ۽ الطاف ميراڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 40 ڏينهن گذرڻ باوجود شهيد زاهد ميراڻي جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ پوليس ناڪام وئي آهي، هنن سوال ڪندي چيو ته ڇا ڪي پي ڪي پاڪستان جو حصو ناھي جو قاتل اتان گرفتار نه پيا ٿين، اسان جي گڏيل جدوجھد شھيد جي وارثن سان گڏ آھي، ايس ايس پي ملير پاران جوڙيل ڪميٽي جو اڄ ڏينھن تائين ڪو به اجلاس ناھي ٿيو نه وري ڪا اڳڀرائي ٿي آهي، اڳواڻن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومتي ڌر جي چونڊيل نمائندن اڄ تائين شهيد جي تڏي تي وڃي تعزيت ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪو همدردي جو اظهار ڪيو آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پوليس پاران اهو ٻڌايو ويو ته انتظاميه پاران خيبرپختونخواهه سرڪار سان رابطو ڪيو جتي اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته جرڳي جو فيصلو آهي ته جوابدار کي پوليس حوالي نه ڪيو ويندو ڇو ته اهو اسان جي رسمن جي خلاف آهي اسان پڇڻ ٿا چاهيون ته ڪنهن بيگناهه جو قتل ڪرڻ ڪهڙين رسمن ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن قتل ٿئي ٿو ته ان جا قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻ گهرجن، وڪيلن جي جدوجهد سبب قتل ۾ سهولتڪار شيراز پٺاڻ جي ضمانت رد ڪري ٻيهر گرفتار ڪرايو ويو، هاڻي پوليس جو ڪم آهي ته سهولتڪار ذريعي مک جوابدارن تائين پهچي، اڳواڻن چيو ته جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ هفتي بعد جدوجهد ڪميٽي پاران صلاح مشوري بعد ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي جنهن ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو، نيشنل هاءِ وي، سپر هاءِ وي بند ڪرڻ ۽ سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاجي ڌرڻي جا آپشن موجود آهن، اسان جو مطالبو آهي ته سرڪار شهيد جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.