“زبان ئي لکت آهي” پي ٽي آءِ جو تحريري مطالبن کان انڪار: دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ڊيڄاريو نه، 190ملين جو فيصلو ٻڌايو: عمران
جنوري 7, 2025
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ، ڳالهين جي ٽئين مرحلي لاءِ حڪومت کي لکت ۾ مطالبن ۽ پي ٽي آءِ کي باني سان ملاقات جو انتظار آهي. پي ٽي آءِ پاران لکت ۾ مطالبا ڏيڻ کان انڪار سامهون اچي ويو، حڪومتي ڪاميٽي نواز شريف کي آگاهه ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب ٻنهي ڪاميٽين ۾ ڊيڊلاڪ جي ڪري اسپيڪر اياز صادق به اجلاس گهرائڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي، اسپيڪر آفيس سان به ڳالهين جي ٽئين دور لاءِ هيل تائين ڌرين رابطو ناهي ڪيو، ذريعن موجب پي ٽي آءِ ڪاميٽي عمران سان ملاقات بعد چارٽر آف ڊمانڊ جو فيصلو ڪندي، پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪاميٽي باني سان اڄ ملاقات لاءِ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي درخواست ڏئي ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ڳالهين جي ٽئين دور کان اڳ باني سان ملاقات ضروري آهي، اُميد ته سڀاڻي (اڄ)ملاقات ٿي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته بشريٰ بي بي ڳالهين جي عمل ۾ شامل نه آهي، بيڪ ڊور رابطن جي ڳالهه به درست ناهي، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي ڳالهين واري ڪاميٽي سان ٻه ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، هن چيو ته اسان جا ڪي به بيڪ ڊور رابطا ناهن ۽ نه ئي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. باني تحريڪ انصاف پاران قائم ڪيل ڪاميٽي ئي ڳالهيون ڪري رهي آهي، اسان جا فقط ٻه مطالبا آهن قيدين جي آزادي ۽ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي، باني پي ٽي آءِ واضح طور چيو آهي ته 190 ملين پائونڊن جو فيصلو ٿيڻ گهرجي، 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني کي ڪوبه ذاتي فائدو حاصل ناهي ڪيو. شاهدن به عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني جي سڌي سنئين ڪا به ڏيتي ليتي نه هئي. اميد آهي ته باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ بري ٿي ويندا. پي ٽي آءِ ڪاميٽي جي ميمبر صاحبزاده حامد رضا چيو آهي ته چاليهه شيون يا 10 صفحا نه آهن جو لکت ۾ ڏيون، پوءِ اُنهن تي ڳالهيون ڪيون وڃن، سياسي قيدين جي آزادي ۽ عدالتي ڪميشن جي قيام بابت 2 سادا مطالبا آهن، اسان ڪاميٽي ۾ زباني مطالبا ٻڌائي ڇڏيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته اسان ٻن اجلاسن ۾ جيڪا زباني مطالبا پيش ڪيا آهن، اهي هاڻي منٽس بڻجي چڪا آهن ۽ انهن کي ئي لکت سمجهيو وڃي، ڪاغذ ڏيڻ هڪ رسمي ڪارروائي آهي، بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي، ڏسڻو آهي ته حڪومت ڪيترو سنجيدگي سان وٺي ٿي. هوڏانهن عليمه خان جو چوڻ آهي ته تاثر ڏنو وڃي ته پي ٽي آءِ باني جا ٻيا به بيڪ ڊور رابطا آهن، باني واضح ڪيو ته مذاڪراتي ڪاميٽي کانسواءِ ڪوبه رابطو ناهي، حڪومت اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته باني اين آر او وٺي رهيو آهي، باني کي نظربند ڪرڻ جو چيو ويو، کيس اهو به چيو ته توهان خاموش رهو ۽ اسان جي حڪومت هلڻ ڏيو، اهي نياپا سڌي ريت نه پر مختلف ذريعن کان آيا آهن، پي ٽي آءِ باني چوي ٿو هو عدالتي نظام تحت پاڻ کي بيڏوهه ثابت ڪندو. عليمه موجب عمران جو چوڻ هو ته 26 نومبر تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو حساب ڏيڻو پوندو، نه اسان وسارينداسين نه وسارڻ ڏينداسين، هاڻي اهو وقت ناهي، اسان ڪنهن به شيءِ کان نه ڊڄنداسين، عليمه موجب عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان اهو سمجهو ٿا ته 190ملين پائونڊز جو فيصلو نه ڏئي رهيا آهيو، اوهان منهنجي ڪنڌ تي تلوار ٽنگيندا ته اوهان سزا ٻڌايو بلڪل ايئن جيئن اوهان عدت ڪيس ۽ سائفر ڪيس ۾ سزا ٻڌائي هئي، آئون چاهيان ٿو ته اوهان سزا ٻڌايو ته جيئن سڄي دنيا کي خبر پوي ته هي ڇا ڪيس هو، جلد کان جلد سزا ٻڌائي وڃي، حڪومت غلط فهمي ۾ نه رهي ته ڊڄي ويندس.