زبون ۽ غير قانوني عمارتن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ وزيراعليٰ جو بلڊنگ ڪنٽرول چيف کان پڇاڻو 

زبون ۽ غير قانوني عمارتن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ وزيراعليٰ جو بلڊنگ ڪنٽرول چيف کان پڇاڻو 

ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) سنڌ جي وڏي وزير مرادشاهه غير قانوني اڏيل توڙي زبون حال عمارتن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي ناراضپو ظاهر ڪندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان خط لکي ضلعي وار تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ان ڏس ۾ وڏي وزير جي آفيس طرفان ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي موڪليل خط ۾ غير قانوني اڏيل توڙي زبون حال عمارتن جا تفصيل اماڻڻ ۾ غير سنجيدگي ڏيکاريندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو واضح اشارو ڏنو ويو آهي. خط ۾ اٿارٽي جي ڊي جي مزمل هاليپوٽو کي هدايت ڪئي وئي آهي ته غير قانوني ۽ خطرناڪ عمارتن جا ضلعي وار مڪمل انگ اکر فوري طور تي مهيا ڪيا وڃن. ضلعي وار ٽيبل فارميٽ ۾ عمارتن جا مڪمل تفصيل جمع ڪرائڻ لازمي آهن. وڏي وزير جي آفيس خبردار ڪيو آهي ته تفصيل مهيا ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ خط تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.
 

بلڊنگ ڪنٽرول چيف جو ڊائريڪٽرن کي دڙڪن وارو وائيس نوٽ وائرل

ڪراچي:  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي چيف جو مبينا وائيس نوٽ وائرل،  هڪ هفتي اندر غير قانوني اڏاوتن جا تفصيل نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي جو چتاءُ ان ڏس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي چيف جي وائرل ٿيل وائيس نوٽ ۾ وڏي وزير سيد مراد شاهه جي غيرقانوني اڏاوتن خلاف جاري ڪيل حڪمن تي عمل نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وائيس موٽ ۾ ڊي جي اٿارٽي جي ڊائريڪٽرز تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چئي رهيو آهي ته گذريل سال کان غيرقانوني اڏاوتن جا تفصيل موڪليا پيا وڃن پر زميني سطح تي ڪا ڪاروائي نظر نٿي اچي۔ وائيس نوٽ ۾ ڊي جي جو چوڻ هو ته وزيراعليٰ کي اڳ موڪليل رپورٽون “فالتو ۽ بي فضول” آهن  وائيس نوٽ موجب هفتي اندر سي ايم هائوس ڏانهن مڪمل تفصيل نه موڪليا ويا ته سخت قدم کنيا ويندا.
 

بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ “سسٽم“خلاف جاچ شروع: هڪ آفيسر آصف شيخ مهيني لاءِ پرڏيهه روانو 
 

ڪراچي:  اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ “سسٽم هلائڻ” جي الزام هيٺ آيل آفيسرن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي، اينٽي ڪرپشن کاتي ايس بي سي اي جي آفيسرن آصف شيخ، نجم قريشي ۽ سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر شاهد کي لاڳاپيل رڪارڊ سميت طلب ڪيو هو پر ٽئي آفيسر اينٽي ڪرپشن وٽ پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا.  جاچ هيٺ آيل هڪ آفيسر آصف شيخ هڪ مهيني جي موڪل تي پرڏيھ روانو ٿي ويو آهي