زخمي تاريخ ۽ ٽمڪندڙ خون ….ميان مير چانڊيو

                  شھيد بينظير ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي نياڻي هئي.  کيس  ننڍپڻ ۾  پنڪي سڏيو ويندو هو. سندس جنم 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو، پر سندس خمير جي مٽي لاڙڪاڻي جي مٽي هئي، جا مٽي سدائين مانائتي رهي آھي. جنهن  مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ٽي شخصيتون ڏاڏو، پٽ ۽ پوٽي ملڪ جا وزير اعّظم رهيا. سر شاهنواز ڀٽو جهونا ڳڙھ جو، شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعّظم ۽ شهيد محترما بينظير ڀٽو پاڪستان جي ٻہ دفعا وزير اعظم رهي.

                 بينظير ڀٽو ابتدائي تعليم  ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪئي , هوء ننڍپڻ  کان ئي سلڇڻي ۽ ذھين هئي. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته  ستن سالن جي عمر ۾ جڏهن سندس والد جنرل ايوب خان جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير ٿيو ته سندن ڪٽنب راولپنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي هن کي پهرين ”پريزنٽيشن ڪانوينٽ“ (Presentation Convent)  درسگاه ۾ داخل ڪيو ويو، پر پوءِ کيس جلد ئي سندس ڀيڻ صنم ڀٽو سان گڏ ڪوهه مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. شھيد بينظير ڀٽو کي ڪتابن پڙھڻ جو شوق هو، جنهن ڪري پڙھائي دوران ئي تاريخ، فلسفي ۽ ادب جا ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيا.

جڏهن سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو  وزير خارجه بڻيو، ته سندس مقبوليت ۾ گهڻو اضافو ٿيو ۽ هو ان وقت جي ڪابينا ۾ ننڍي عمر وارو وزير هئڻ جي باوجود گهڻن تي ڀاري هو.

 1966ع ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ڀٽو صاحب وڏو مقبول سياسي ليڊر بنجي اڀريو. ان دوران محترما بينظير ڀٽو هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊڪلف ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ آمريڪا هلي وئي. اهو 1969ع جو سال هو. جڏھن 1971ع اوڀر پاڪستان ڌار ٿيو ته ذوالفقار علي ڀُٽو رهيل پاڪستان جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بڻيو. ان دوران 1972ع ۾ بينظير ڀٽو  اونهاري جي موڪلن ۾  پاڪستان آئي ته ڀٽو صاحب کيس پاڻ سان گڏ  هندستان وٺي ويو، جتي هوءَ شملا ۾ اندرا گانڌيءَ سان ملي. ان ملاقات بينظير جي زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو.

1977ع ۾ جنرل ضياءَ، ڀٽو حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو ته ان دوران بينظير ڀٽو ۽ سندس امڙ بيگم نصرت ڀٽو کي قيد ڪيو ويو. 1984ع ۾ بينظير ڀٽو بيمار ٿي پيئي، جنهن ڪري کيس علاج لاء ٻاهر وڃڻو پيو. 1986ع ۾ هوءَ جڏھن لاهور پهتي ته لکين ماڻھن سندس استقبال ڪيو.  پاڻ ان دوران سياسي جدوجهد جاري رکيائين.

17 آگسٽ1987 تي جنرل ضياءُ جي جهاز حادثي ۾ مرڻ کان پوء غلام اسحاق صدر ٿي ويو. 1988ع واري اليڪشن ۾ پ پ جي جيت کان پوء محترما بينظير ڀٽو 2 ڊسمبر 1988 تي وزير اعظم جو حلف کنيو. بينظير ڀٽو اسلامي ملڪن ۾  پهرين مسلمان ۽ سنڌياڻي عورت وزير اعظم هئي. 12 ڊسمبر تي قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ ورتائين. سندس اهو دور اختلافن سان ڀريل هو. پنجاب ۾ نواز شريف جي حڪومت هئي. نواز شريف پ پ لاءِ ھر وقت کڏون کوٽي رهيو هو. سنڌ ۾ وري لساني ڇڪتاڻ هئي. بلوچستان جون حالتون به صحيح ڪونه هيون.  پر پوء به بينظير ڀٽو ملڪ کي سنڀاليو ۽ پاڪستان کي دولت مشترڪه ۾ شامل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون. پهرين نومبر 1989ع تي سندس مخالفن، سندس خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي. ان کان پوءِ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ ٿيل آپريشن ۾ فوج جي مداخلت کان پوءِ حالتون خراب ٿي ويون ۽ نسلي فساد ڀڙڪي اٿيا. 5 آگسٽ 1989ع تي ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان بينظير حڪومت کي برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون.

ان کان پوءِ نگران حڪومت غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي ڏني وئي ۽ نئين چونڊن جو اعلان ٿيو. چونڊن کان پوء نواز شريف حڪومت ٺاهي، بينظير مخالف ڌر جي ليڊر چونڊي وئي. 6 نومبر 1990ع تي هن مخالف ڌر جي اڳواڻ طور اسيمبليءَ کي خطاب ڪيو. سنڌ ۾ حڪومت ڄام صادق عليءَ کي ڏني وئي، جنهن پيپلز پارٽيءَ ۽ بينظير ڀٽو لاء ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي. بينظير ڀٽو جي وَر آصف زرداريءَ تي ڪيترائي الزام هڻي مقدما قائم ڪيا ويا. عجيب اتفاق هو جو 1992ع ۾ نواز شريف تي ساڳئين قسمن جا الزام هڻي غلام اسحاق خان سندس حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ بلخ شير مزاريءَ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو.

1993 جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري چونڊون ٿيون ۽ بينظير کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم بنايو ويو. 13 نومبر تي سندس نامزد اميدوار فاروق احمد لغاري صدر چونڊيو ويو. ڪجهه وقت  کان پوءِ وري ملڪ ۾  وڳوڙ شروع ٿي ويا. ڪراچي انساني قتل گاهه بنجي وئي، ٽارچر سيل ۽ ٻورين ۾ بند لاش روز جو معمول بنجي چڪا هئا. نتيجي ۾ ڪراچيءَ مان صنعتون پنجاب منتقل ٿيڻ لڳيون. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو هو. 1995 جي آخري ڏهاڙن ۾ صدر فاروق لغاري بينظير جو  سخت مخالف ٿي بيٺو.

20 سيپٽمبر 1995ع تي بينظير جي پنهنجي حڪومت ۾ هڪ وڏي سازش ڪري سندس موڀي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽي کي ڪراچي ۾ شهيد ڪيو ويو. هوءَ ڄڻ  ٽُٽي پئي. اڃا صدمي ۾ هئي ته 5 نومبر تي کانئس حڪومت به کسي وئي. قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙي سندس سرڪار کي برطرف ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته 1996ع جي سندس حڪومت جي ان زوال ۾ جن ٽن ماڻهن جو هٿ هو، اهي ٽئي سندس آندل يا مقرر ڪيل هئا، جن ۾ صدر فاروق لغاري، جنرل جهانگير ڪرامت ۽ جسٽس سيد سجاد علي شاه شامل هئا. سندس حڪومت ختم ٿيڻ بعد نواز شريف جي حڪومت آئي، جنهن کي جنرل پرويز مشرف 12 آڪٽوبر 1999ع ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ڪجھ سال جلاوطني جي زندگي گذارڻ کان پوء محترما بينظير ڀٽو 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچي پهتي ته لکين ماڻھن سندس آجيان ڪئي. ان دوران سندس قافلي تي ڪارساز وٽ بم ڌماڪا ڪيا ويا، جنهن ۾  غالبن ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا. بينظير ڀٽو کي شھيد ڪرڻ جي دشمنن جي  اها سازش ڪامياب نه ٿي ته هو ٻيهر سندس تاڙ ۾ رهيا. تان جو اليڪشن جي تياري دوران 27 ڊسمبر 2007ع تي  راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪرڻ  کان پوءِ واپس ويندي کيس گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو ۽ بم ڌماڪا ڪرايا ويا. بينظير جي شھادت نه فقط ملڪ جو نقصان هو پر ڄڻ  تاريخ  زخمي ڪئي ويئي.

سارو وقت اکين ۾ ڳوڙھا  توکي مون کي آيا آھن

هن دنيا ۾ ڪيئن پنهنجا هڪ ٻئي لاء پرايا آھن.