زراعت کاتي سولر ٽيوب ويلن لاءِ 60 ڪروڙ 206 آبادگارن ۾ ورهائي ڇڏيا: پڇاڻو

نومبر 9, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران زراعت کاتي کان سنڌ ۾ آبادگارن ۽ هارين کي سولر ٽيوب ويل ۽ سولر واٽر پمپن لاءِ ڏنل 60 ڪروڙ رپين جي سبسڊي  توڙي سبسڊي حاصل ڪندِڙ هارين ۽ آبادگارن جا تفصيل طلب، ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن کي جاري ٿيل 4 ڪروڙ 90 لک رپين جي خصوصي گرانٽ جي خرچن جا تفصيل به جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڪالهه پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ زراعت کاتي جي سال 2019ع کان 2021ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ اعتراض واريو ته زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر انجنيئرنگ ونگ سنڌ ۾ هارين ۽ آبادگارن کي سولر ٽيوب ويلن ۽ سولر واٽر پمپن لاءِ ڏنل 60 ڪروڙ رپين جي سبسڊي جي خرچن جو رڪارڊ فراهم ناهي ڪيو، جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو زراعت کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته سولر ٽيوب ويلن لاءِ ڪيترن هارين ۽ آبادگارن کي 60 ڪروڙ رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي وئي آهي؟ اسان  کي سبسڊي وٺندڙ هارين ۽ آبادگارن جا نالا فراهم ڪيا وڃن. جنهن تي زراعت کاتي جي هڪ آفيسر ٻڌايو ته سنڌ جي 206 هارين/ آبادگارن  کي سولر ٽيوب ويلن لاءِ سبسڊي ڏني وئي آهي. جنهن تي ڊي جي آڊٽ چيو ته سولر ٽيوب ويلن لاءِ سبسڊي حاصل ڪندڙن جي شناختي ڪارڊن جي ڪاپي، 20 سيڪڙو رقم جي بينڪ ڊرافٽن جون ڪاپيون ۽ ٻيو لاڳاپيل رڪارڊ فراهم ٿيڻ بعد  ئي اسان رڪارڊ جي تصديق ڪنداسين، جنهن تي پي اي سي چيئرمين زراعت کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا سولر ٽيوب ويلن لاءِ سبسڊي ڏيڻ لاءِ اشتهار ڏنو ويو هو؟ توهان اهڙو  اشتهار ڏيکاريو  اجلاس دوران پي اي سي اختيارين زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هارين ۽ آبادگارن کي سولر ٽيوب ويلن لاءِ 60 ڪروڙ روپين جي سبسڊي ڏيڻ واري آڊٽ پيرا جي تصديق ڊي جي آڊٽ سنڌ کان ڪرائي وڃي،پي اي سي زراعت کاتي کان سنڌ ۾ هارين ۽ آبادگارن کي سولر ٽيوب ويلن ۽ سولر واٽر پمپن لاءِ 60 ڪروڙ رپين جي ڏنل سبسڊي جو رڪارڊ گهري ورتو. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو زراعت کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان وٽ ڪيترا بلڊوزر آهن جيڪي آبادگارن ۽ هارين کي مسواڙ تي ڏنا ويندا آهن؟ جنهن تي زراعت کاتي جي آفيسرن ٻڌايو ته اسان  وٽ 77 بلڊوزر ورڪنگ ( هلندڙ) صورت ۾ آهن ، جيڪي آبادگارن کي 200 روپيا في ڪلاڪ جي حساب سان ڏنا ويندا آهن،  ڊيزل جو خرچ آبادگارن کي پاڻ ادا ڪرڻو ھوندو آهي. اجلاس ۾ پي اي سي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل  ايڪسٽينشن کي جاري ٿيل 4 ڪروڙ 90 لک روپين جي خصوصي گرانٽ جي خرچن بابت به تفصيل گهري ورتا، جڏهن ته زراعت کاتي کي ڊي جي آڊٽ کان رڪارڊ جي تصديق ڪرائڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي

Leave A Comment