| زرداري راڄ جو مخالف آهيان، بلاول جو احترام آهي: ذوالفقار جونيئر |
قمبر (رپورٽر) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو قمبر اچي سٿ جي ساٿي سينئر اڳواڻ برڪت علي ميرجت سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي خلاف آهيان، پي آءِ اي تي سفر ڪري فخر محسوس ڪندو هيس ۽ پي آءِ اي ڪراچي کان موهن جو دڙو لاءِ آساني سان ماڻهو کڻي ايندي هئي اهي ماڻهو سنڌ جي تاريخ موهن جو دڙو کي ڏسندا هئا هن چيو ته شهيد ڀٽو حڪومت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هاڻ سمورو سسٽم تباهه ٿيندو پيو وڃي هن چيو ته بلاول اسان جو خون آهي ان جو آءُ احترام ڪريان ٿو هو منهنجو ڪزن آهي جڏهن ته زرداري راڄ ۽ پ پ جي پاليسين جو مخالف آهيان، اهو ڌاڙيل راڄ آهي هن چيو ته 27 هين ترميم پ پ راڄ جو خود موت آهي خوفزده ماڻهو اهڙا قانون ٺاهيندا آهن جئين اسان کي ڪو هٽائي نه سگهي سڄي زندگي اسان ويٺل هجون پر ائين نه ٿيندو هن چيو ته پ پ ملڪ کي ڪيئن تباهي طرف وٺي وڃي رهي آهي اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهيون پر اسان جو به وقت ضرور ايندو