زرداري سان ٻيهر دوستي نٿو چاهيان: مرزا پاران چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان

آگسٽ 12, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا چيو آهي ته آصف زرداري سان ٻيهر نه دوستي ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ نه ئي هن وٽ ايترو وقت آهي

دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اڳوڻو گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بدين ۾ داخل ڀڃ ڊاهه ۽ حملي بابت ڪيس ۾ پيش ٿيو

عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته پراڻن دوستن سان ٻيهر دوستي لاءِ ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي آھي، ذوالفقار مرزا چيو ته جيڪڏھن منھنجي آصف زرداري سان ٻيھر دوستي ٿي وئي ته پوءِ گهڻا ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا

هن چيو ته هاڻي اليڪشن وڙهڻ جو ڪو ارادو ناهي، جيڪڏھن عوام چاھيو ته پوءِ وڙھندس، اسان جي ضلعي ۾ 8سال اڳ ھڪ اسپتال ٺھي ھئي جيڪا اڃا تائين فنڪشنل ناھي ٿي سگھي

ذوالفقار مرزا چيو ته جيڪڏهن حڪومت جي ڪارڪردگي ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ڪنهن به عام ماڻهو

کان پڇي سگهو ٿا، پھريان ڏھاڙي ڪمائيندڙ جا 8ڀاتي ماني کائي ويندا ھئا ھاڻي 2 ماڻھو به مشڪل سان ماني کائيندا آهن

Leave A Comment