زرعي شعبن ۾ سڌارن بابت اجلاس

جُون 25, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ)  وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي شعبي جي ترقي بابت اجلاس ٿيو

وزيراعظم چيو ته زراعت ملڪ جي معيشت جوڪرنگهو آهي ۽ زرعي شعبي ۾ پائيدار سڌارا ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ فروغ ڏيندا.

وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ سڌارن سان في ايڪڙ پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيندو، جنهن سان پيداواري خرچ وڌيڪ گهٽجي ويندا.

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته فارم مشينري کي فروغ ڏيڻ لاءِ زرعي مشينري ۽ اوزارن تي ٽيڪس گهٽ ڪرڻ گهرجن.

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته زرعي شين جي ذخيري جي گنجائش وڌائڻ لاءِ قدم تيز ڪرڻ گهرجن.

وزيراعظم صوبن پاران زرعي شعبي جي ترقي لاءِ نوان منصوبا ۽ فنڊ فراهم ڪرڻ جي آجيان ڪئي.

وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته زرعي اسڪالرشپ تي چين موڪليل شاگرد پنهنجي وطن واپسي تي زرعي شعبي جي واڌاري لاءِ ڪاروباري طور تي قيمتي خدمتون سرانجام ڏيندا.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته زرعي شعبي ۾ ترقي مان هارين ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جا رهواسي سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪندا.

 زراعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ ڀاڻ ۽ زرعي ڪيميڪلز تي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو پيو وڃي

اجلاس ۾ وزيراعظم کي زرعي شعبي ۾ سڌارن، خاص طور تي زرعي پيداوار وڌائڻ، زرعي انفراسٽرڪچر، ۽ آسان زرعي قرضن تائين هارين جي رسائي بابت تجويزون پيش ڪيون ويون.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته قومي زرعي جدت ۽ واڌ جو عمل منصوبو هارين جي آمدني وڌائڻ، پيداوار وڌائڻ ۽ صحيح رخ ۾ سڌارا آڻڻ تي ڌيان ڏئي ٿو.

زرعي شعبي ۾ قدر شامل ڪرڻ سان، برآمدات ذريعي هارين جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو ۽ ڪافي پرڏيهي مٽاسٽا ڪمائي ويندي،

نيشنل ٽيڪنالاجي فنڊ جي اگنائيٽ منصوبي تحت 129 زرعي اسٽارٽ اپ شروع ڪيا ويا آهن

اجلاس ۾ وفاقي وزير خوراڪ تحفظ رانا تنوير حسين، موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، وزيراعظم جي چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي، وزيراعظم جي زراعت واري شعبي لاءِ چيف ڪوآرڊينيٽر احمد عمير، زراعت واري شعبي سان لاڳاپيل خانگي شعبي جي ڪاروباري ماڻهن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري