| زرعي ورسٽي ۾ عورت استاد هراسان، پروفيسر ۽ ليڪچرار تي الزام، درخواستون وي سي حوالي |
ٽنڊوڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ وري هڪ وڌيڪ عورت استاد کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثر عورت استاد گاريون ڏيڻ ،آفيس ۾ داخل ٿي سامان کڻڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جون 3 الگ الگ درخواستون وائيس چانسلر کي ڏئي ڇڏيون، هڪ درخواست ۾ زرعي يونيورسٽي جي عمرڪوٽ ڪيمپس جي عورت استاد صائمه ڀٽو ڄاڻايو آهي ته پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي خانزادہ ۽ ليڪچرار وشنداس هراسان ڪن ٿا، جڏهن ته هڪ ٻي درخواست ۾ هن چيو آهي ته پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي خانزادہ هن جي آفيس ۾ خاتون استاد جي غيرموجودگي ۾ داخل ٿي تالا ٽوڙي فرنيچر ۽ ذاتي شيون کڻي ويا آهي، ساڳي ئي وقت ٽئين درخواست ۾ هن ڄاڻايو آهي ته هڪ نمبر تان کيس واٽسپ تان موت مار ڌمڪيون مليون آهن، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ هي ٽيون هراسمينٽ جو ڪيس سامهون آيو آهي، هن کان اڳ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سي پي ٽي جي استاد مٿان شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو هيو، ان کان پوءِ مٽي واري شعبي جي استاد ڊاڪٽر شوڪت ابڙو مٿان شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جو الزام هيو، پر هن وقت تائين الزام هيٺ آيلن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي.