زرعي يونيورسٽي جي عورت ليڪچرار جو ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز مٿان هراسمنٽ الزام، ڌمڪين جو ڪيس داخل

زرعي يونيورسٽي جي عورت ليڪچرار جو ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز مٿان هراسمنٽ الزام، ڌمڪين جو ڪيس داخل

ٽنڊوڄام (ن پ ا) زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هڪ عورت ليڪچرار پاران ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز ۽ هاسٽل پرووسٽ مٿان هراسمينٽ جو الزام، گاڏي روڪي ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل، پلانٽ بريڊنگ ۽ جينيٽڪس شعبي ۾ ايڊهاڪ ليڪچرار طور پڙهائيندڙ ڊاڪٽر نائلا شيخ ٽنڊوڄام ٿاڻي تي هاسٽل پرووسٽ ۽ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز پروفيسر عبدالواحد بلوچ خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، پروفيسر عبدالواحد بلوچ 2016ع کان مسلسل هراسان ڪندو پيو اچي، 2023ع ۾ والدين جي مرضي سان فواز نواز شيخ سان شادي ٿيڻ کانپوءِ هن منهنجي مڙس کي به ميسيج ڪري مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا وٽ به دانهيو پر ڪو تدارڪ نه ٿيو, ايف آءِ اي ۾ به حراسمينٽ جي درخواست ڏني جنهن تان هو ويتر مڇرجي پيو،  ليڪچرار نائلا شيخ جو ايف آءِ آر  موقف ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پهرين ڊسمبر تي پنهنجي مڙس سان گڏ حيدرآباد وڃي رهي هئس ته عبدالواحد بلوچ روڊ تي گاڏي روڪي پسٽل سڌو ڪري موت مار ڌمڪيون ڏيئي گار گند ڪئي، ايف آءِ آر موجب پروفيسر عبدالواحد بلوچ پنهنجي خلاف يونيورسٽي انتظاميه ۽ ٻين ادارن کي ڏنل درخواستون واپس وٺڻ لاءِ زور ڀريو، هن کيس نوڪري مان ڪڍرائڻ ۽ قتل جون ڌمڪيون به ڏنيون.
 

الزام رد: بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، قانوني طور منهن ڏيندس: پروفيسر
 

ٽنڊوڄام: هوڏانهن الزام هيٺ آيل پروفيسر عبدالواحد بلوچ پاران خاتون ليڪچرار جي الزامن کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻاهرين ملڪ مان پڙهيل آهيان يونيورسٽي جي ٻن اهم عهدن جي چارج آهي، ڪوڙي ايف آءِ آر ڪرائي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، قانوني طور منهن ڏيندس،  هن وڌيڪ چيو ته نائلا شيخ جي مڙس جي ڪرپشن خلاف يونيورسٽي اختيارين ۽ اينٽي ڪرپشن کي منهنجي پاران ڏنل درخواستن تان هٿ کڻائڻ لاءِ اهڙا ڪريل حربا استعمال ڪيا پيا وڃن،  خاتون ليڪچرار سفارش تي ڀرتي ۽ 2022ع ۾ کيس ايڊهاڪ تي مقرر ڪيو ويو، سمورا ثبوت موجود آهن، عزت تي حملو ڪيو ويو آهي
 

ٽنڊو ڄام: هراسمينٽ جي الزام هيٺ آيل ايسوسيئيٽ پروفيسر عبدالواحد بلوچ وڌيڪ چيو آهي ته نائلا شيخ جو مڙس فواز شيخ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ئي چيف اڪائونٽنٽ آهي، ان پاران 4 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن خلاف آواز اٿاريو ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي کي درخواست ڏني جنهن تان ڪاوڙجي من گهڙت الزام هنيا ويا آهن، سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته نائلا شيخ جي مڙس جي ڪرپشن جا ثبوت انتظاميه حوالي ڪيا جنهن تان ڪجهه عرصو پهريان به نائلا شيخ مون مٿان ڊپارٽمينٽ اندر حملو ڪيو جنهن جي به اداري کي درخواست ڏني آهي.