زرعي يونيورسٽي جي 4،821.288 ملين رپين جي بجيٽ به پيش

زرعي يونيورسٽي جي 4،821.288 ملين رپين جي بجيٽ به پيش

ٽنڊوڄام (ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي 30هين سينيٽ جو اجلاس يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير ۽ پرو چانسلر محمد اسماعيل راھو جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جڏهن ته وائس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر ڊاڪٽر الطاف علي سيال پڻ اجلاس ۾ موجود ھو. اجلاس دوران يونيورسٽي جي اهم تعليمي ۽ مالي معاملن جو جائزو وٺندي مختلف فيصلن جي منظوري ڏني وئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ ٽن نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ 29هين سينيٽ اجلاس جي منٽنس جي منظوري، ايڪشن رپورٽ جو جائزو ۽ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس سيد فدا حسين شاهه بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته مالي سال 2023-24 دوران ڪل وصوليون 3،536.697 ملين روپيا جڏهن ته ڪل ادائيگيون 3،432.350 ملين روپيا رهيون. مالي سال 2024-25 جي نظرثاني ٿيل بجيٽ موجب ڪل دستياب وسيلا 4،030.783 ملين رپيا ۽ مجموعي خرچ 4،047.958 ملين رپيا مقرر ڪيا ويا. ساڳي طرح مالي سال 2025-26 جي بجيٽ تخمينن موجب ڪل دستياب وسيلا 4،390.553 ملين رپيا ۽ متوقع خرچ 4،821.288 ملين رپيا رکيا ويا آهن، اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته يونيورسٽيون سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن ۽ مالي سال 2020-21 کان پوءِ يونيورسٽي گرانٽس ۾ لڳ ڀڳ ست ڀيرا اضافو ٿيو آهي، جيڪي 6 ارب رپين مان وڌي 43 ارب رپين تائين پهچي ويون آهن.  هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي، پر موسمياتي تبديلين سبب زراعت، لائيو اسٽاڪ، فشريز، جهنگلي جيوت ۽ ٻيلن جي شعبن کي سخت خطرا درپيش آهن، هن سنڌ ۾ تصديق ٿيل ٻج جي کوٽ کي وڏو مسئلو قرار ڏيندي مٽي، پاڻي، زرعي دوائن، ڀاڻ ۽ پائيدار زرعي طريقن بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت تي زور ڏنو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هارين جي سهائتا لاءِ واٽرڪورسز کي پڪو ڪرڻ، زرعي مشينري جي فراهمي، مختلف شعبن ۾ سبسڊي ۽ هاري ڪارڊ جهڙا قدم کڻي رهي آهي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته يونيورسٽي پنهنجي اندروني وسيلن جي بهتر استعمال تي ڌيان ڏنو آهي ۽ تدريسي شعبن ۽ ليبارٽرين کي جديد بڻايو پيو وڃي.