زرعي يونيورسٽي ملازمن جو ڌرڻو

جُون 18, 2025

ٽنڊوڄام(پنهنجي ڊيسڪ) زرعي يونيورسٽي جي ملازمن جو وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو هنيو

زرعي يونيورسٽي جي ملازمن  پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ملازمن پاران يوٽيليٽي الائونس،  هائوس بلڊنگ لون ۽ ٻين مطالبن  جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري رهيو

يونيورسٽي ملازمن ۽ انتظاميه  ۾ منهن ماري به ٿي جنهن بعد ڳالهيون ناڪامٿي ويون، ان موقعي تي ملازمن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا اسان جا مطالبا تسليم  نه پئي ڪري، اعلي ٰ اختياريون نوٽيس وٺي مسئلا حلا ڪن، جڏهن ته احتجاج ۾ آل سنڌ يونيورسٽيز ملازم فيڊريشن  پاران به يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي وئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل