| زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هراساني جو نئون اسڪينڊل ظاهر، درخواستون جمع، استاد کي نوٽيس |
ٽنڊوڄام/حيدرآباد(ن پ ا/ بيورو رپورٽ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ وري ٽيون هراسمينٽ جو اسڪينڊل سامھون اچي ويو. يونيورسٽي جي هراسمينٽ ڪميٽي الزام هيٺ آيل استاد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران گڏيل طور تي استاد مٿان هراسمينٽ جي گڏيل درخواست جمع ڪرائي هئي. يونيورسٽي جي هراسمينٽ ڪاميٽي الزام هيٺ آيل استاد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سوائل سائنس شعبي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر شوڪت ابڙو خلاف سندس ئي شعبي ۾ پڙهندڙ ٽن شاگردياڻين گڏيل طور تي يونيورسٽي جي هراسمينٽ ڪاميٽي وٽ درخواست داخل ڪرائي هئي جن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽر شوڪت ابراهيم ابڙو تي اهو به الزام آهي ته ڪجهه مهينا اڳ هن هڪ شاگردياڻي کي گهرائي آفيس ۾ هراسان ڪيو هو، هراسمينٽ ڪاميٽي پاران ٻڌايو ويو آهي ته استاد خلاف درخواست ملي آهي، استاد کي نوٽيس جاري ڪيو آهي، پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملي جو هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ جي وارننگ به ڏني وئي آهي. هراسمينٽ ڪاميٽي پاران اڄ 2 ڊسمبر تي استاد کان جواب ۽ وضاحت پڻ طلب ڪئي وئي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ايگريڪلچرل سوشل سائنسز فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر اعجاز علي کوهارو جي سربراهي ۾ قائم هراسمينٽ ڪاميٽي کي اهو معاملو پيش ڪيو ويو جنهن ابتدائي جائزي بعد معاملي جي جاچ ڪرڻ جو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو. ان حوالي سان استاد شوڪت ابڙو سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪلاس ۾ هراسمينٽ جو شڪار ٿيل شاگردن جو انگ ان کان وڌيڪ آهي.