| زرعي يونيورسٽي ۾ فائرنگ، 2 شاگرد زخمي، خانگي چوڪيدار تي الزام، گرفتار، ڌرڻو |
ٽنڊوڄام (رپورٽ: اظهر لوچي) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ھارٽيڪچر گارڊن ۾ مھمانن سان گھمڻ آيل شاگردن ۽ خانگي ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊ وچ ۾ اندر نه ڇڏڻ تان منھن ماري ٿي پئي، بعد ۾ موٽرسائيڪل تي ِآيل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڇرا لڳڻ سبب شاگرد سمير ملڪ ۽ جمشيد انڍڙ زخمي ٿي پيا، جڏھن تہ شاگردن موجب ھٿياربند کانئن موبائيل فون ۽ سامان به ڦر ڪيو، زخمين کي علاج لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن تہ زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، واقعي بعد شاگردن يونيورسٽي جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي، بعد يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ڪئمپس ۽ پوليس جي نفري پھتي، جن شاگردن سان ڳالھيون ڪري تدارڪ جي يقين دھاني بعد احتجاج ختم ڪرايو، زخمي شاگردن الزام ھنيو تہ پني عاقل کان سندن مھمان آيا هئا، جن کي گھمائڻ لاءِ اسان ھارٽيڪلچر گارڊن ويا تہ ھنن اندر وڃڻ کان روڪيو ۽ منھن ماري بعد ھن ٻاھران ماڻھو گھرائي حملو ڪيو، جڏھن تہ حراست ۾ ورتل چوڪيدار پاران شاگردن کي ٻاھران ماڻھو گھرائي حملو ڪرائڻ واري الزام کي رد ڪندي چيو آھي تہ ھارٽيڪلچر گارڊن ۾ شعبي جي ليڊي انچارج جي ھدايتن تي شاگردن ۽ ان سان آيل ٻاھرين ماڻھن کي روڪيو، صرف منھن ماري ٿي، ڪوبہ وڏو جھيڙو نہ ٿيو ھو،