زرعي يونيورسٽي ۾ ملازمن پاران ٻيهر احتجاج: وي سي سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو

جُون 26, 2023

ٽنڊو ڄام(رپورٽ مبين مگسي )سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ملازمن احتجاجي تحريڪ تيز ڪري ڇڏي، وي سي سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ملازمن وي سي جي زيادتين خلاف احتجاجي تحريڪ ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي، وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ اڳيان ڌرڻو پڻ هنيو ويو آهي

ملازمن جي اڳواڻن چيو آهي ته وائيس چانسلر ملازمن جو جائز مطالبا تسليم ڪرڻ لا تيار ناهي هنن  اعلان ڪيو ته سندن ڌرڻو 24 ڪلاڪن تائين جاري رهندو

 هنن چيو ته وائيس چانسلر ليوانڪيشمينٽ، فوتي ڪوٽا تحت ملازمن جا آرڊر ،  فوت ٿيل ۽ رٽائرڊ ٿيل ملازمن جون رهتون ادا نه پيو ڪري

هنن چيو ته اڄوڪو احتجاجي ڌرڻو 24 ڪلاڪن تائين جاري رهندو  جنهن بعد تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن بعد نئو اعلان ڪيو ويندو

Leave A Comment