زلزلا ايندا، جنگيون لڳنديون، عالمي بحران ٿيندو: نابين نجومڻ جي اڳڪٿي

زلزلا ايندا، جنگيون لڳنديون، عالمي بحران ٿيندو: نابين نجومڻ جي اڳڪٿي

صوفيه(م ڊ) بلغاريه سان واسطو رکندڙ نابين عورت نجومڻ بابا وانگا اڳڪٿين جي حوالي سان وڏا وڏا انڪشاف ٿيا آهن،  بابا وانگا جي 2026ع بابت دنيا ۾ وڏي پيماني تي زلزلا، ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ ۽ موسمي شدت سبب ڌرتيءَ جو 7 کان 8 سيڪڙو علائقو تباهه ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته يورپ ۾ رڪارڊ گرمي، آسٽريليا ۽ ڪئناڊا ۾ باهه لڳڻ ۽ ميانمار جهڙن علائقن ۾ زلزلا، اڳ ئي عالمي خدشن کي جنم ڏئي چڪا آهن، جنهن سبب هن اڳڪٿي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو، بابا وانگا جو نالو عالمي تڪرارن بابت اڳڪٿين سان جڙيل رهيو آهي، هن جي 9/11 واري اڳڪٿي درست ثابت ٿي هئي، نجومڻ موجب، 2026ع ۾ دنيا ۾ وڏيون طاقتون چين، روس ۽ آمريڪا وچ ۾ سخت تڪرار پيدا ٿي سگهن ٿا، ڪجهه رپورٽن موجب، چين تائيوان تي قبضي جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو ۽ روس ۽ آمريڪا ۾ سڌو ٽڪراءُ به ٿي سگهي ٿو. بابا وانگا جي هڪ ٻي اڳڪٿي موجب، 2026ع ۾ انسانن جو پهريون ڀيرو خلائي مخلوق يا تهذيبن سان رابطو ٿي سگهي ٿو، ڪجهه رپورٽن موجب، هڪ وڏو خلائي جهاز ڌرتيءَ جي ويجهو اچي سگهي ٿو، جيڪو ”Interstellar” نالي خلائي مشن سان ڳنڍيو پيو وڃي. بابا وانگا جي هڪ اڳڪٿي آهي ته 2026ع عالمي معيشت لاءِ انتهائي ڏکيو سال ٿي سگهي ٿو، بابا وانگا موجب 2026ع ۾ هٿرادو ڏاهپ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) دنيا جي اهم شعبن تي حاوي ٿي ويندي، جنهن سان نه رڳو روزگار ۾ رنڊڪ ايندي پر سنگين سماجي ۽ اقتصادي مسئلا پڻ پيدا ٿي سگهن ٿا.