زمانه بدلجي ويا آهن: عمران جي اپيل تي اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ سڀاڻي تائين مهلت

جُولاءِ 17, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ توشا خانه ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ سڀاڻي تائين جو وقت ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان اعتراض ختم ڪيو پوءِ ڪيس ٻڌي وٺنداسين

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجه حارث چيو ته ججن تي اعتراض ٿيندا رهندا آهن پر اسان اوهان وٽ انصاف لاءِ ايندا آهيون، جڏهن نوازشريف جا ڪيس هئا تڏهن به اعتراض ٿيندا هئا

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته زمانا بدلجي ويا آهن، قدر به بدلجي ويا آهن، اوهان ته پراڻا قدر ڪرڻ وارا آهيو

Leave A Comment