زمان پارڪ جو ڪنٽرول ضلعي انتظاميا سنڀالي ورتو: پوليس جي نفري مقرر

مَي 20, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور ۾ زمان پارڪ جو ڪنٽرول ضلعي انتظاميا سنڀالي ورتو آهي جڏهن ته عمران خان جي گهر ٻاهران پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران پوليس ۽ انتظاميا کي زمان پارڪ ۾ سرچ آپريشن جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ بعد ڪمشنر لاهور جي هدايت تي ضلعي انتظاميا زمان پارڪ جو مڪمل ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي

زمان پارڪ جي چوڌاري پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا هر ايندڙ ويندڙ شخص جي تلاشي وٺي رهي آهي جڏهن ته پوليس جي نگراني سبب علائقو ويران ٿي ويو آهي ۽ زمان پارڪ جي ڀرپاسي موجود پي ٽي آءِ جا ڪارڪن پڻ غائب ٿي ويا آهن

ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي رهائش گاهه ٻاهران پڻ پوليس جي نفري بيهاري وئي آهي جيڪا ايندڙ ويندڙ جي انٽري ڪري پوءِ اچڻ وڃڻ جي اجازت ڏئي رهي آهي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ٽيم ۽ عمران خان وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات جاري رهي، حڪومتي ٽيم ۾ ڪمشنر لاهور، ڊي سي لاهور، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي آپريشنز شامل هئا

 حڪومتي ٽيم عمران خان کي ٻڌايو ته زمان پارڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن جا ثبوت به عمران خان حوالي ڪيا ويا

عمران خان سان ملاقات بعد حڪومتي ٽيم ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ بنا واپس هلي وئي، پنجاب سرڪار عمران خان جي گهر جِي جهڙتي کي رد ڪندي چيو آهي ته حڪومتي ٽيم عمران خان جي گهر ۾ جهڙتي لاءِ ايس او پيز طئه ڪرڻ وئي هئي، لاهور پوليس پاران زمان پارڪ مان ٻاهر نڪرندڙ وڌيڪ 6 ڄڻا گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي جنهن بعد گرفتار ڪيل ماڻهن جو انگ 14 ٿي ويو، پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ 4 دهشتگرد عسڪري ٽاور ۽ 2 ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي ۾ ملوث آهن

Leave A Comment