زمان پارڪ سيل ٿيڻ جو امڪان: عمران خان کي 14 لک 40 هزار ٽيڪس ادا ڪرڻ جو نوٽيس

مَي 21, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جو گهر زمان پارڪ سيل ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪڏهن عمران خان لگزري ٽيڪس جي مد ۾ 14 لک 40 هزار رپيا ادا نه ڪيا ته زمان پارڪ سيل ٿي سگهي ٿو

پنجاب جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري کاتي عمران خان کي 22 مئي تائين لگزري ٽيڪس جي مد ۾ 14 لک 40 هزار ادا ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي

عمران خان کي اماڻيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن 22 مئي تائين لگزري ٽيڪس ادا نه ڪيو ويو ته زمان پارڪ سيل ڪيو ويندو

پنجاب جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال دوران 94 سيڪڙو تائين ٽيڪس هدف حاصل ڪيو ويو آهي جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورن باقيدارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

لاڳاپيل پوسٽون

  • آءِ ايم ايف جو ٽيڪس  ڇوٽ کان انڪار :  حڪومت 3 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو ٽينڊر واپس وٺي ڇڏيو

  • اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورڇ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

  • ٿرڪول رٿا تي مقامي ماڻهو نظر انداز آهن: رياض چانڊيو

  • آڪاش انصاري قتل ڪيس، جوابدار بيان تان ڦري ويو