زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستاني وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان: فاطمه ثناءَ ڪپتان مقرر

زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستاني وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان: فاطمه ثناءَ ڪپتان مقرر

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ زمبابوي خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي قيادت فاطمه ثناءَ ڪندي. سيريز 4 کان 9 مئي تائين ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. مومنه رياست کي پهريون ڀيرو اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هي سيريز آءِ سي سي وومين چيمپئن شپ جو حصو آهي. پاڪستاني اسڪواڊ: فاطمه ثناءَ (ڪپتان)، عاليه رياض، عائشه ظفر، ديانا بيگ، گل فيروزه، مومنه رياست، منيبه علي، نجيحه علوي، نشره سنڌو، نتاليه پرويز، رامين شميم، صدف شمس، سدره امين، سيده عروب شاهه ۽ تسميه رباب شامل آهن، ماهرن موجب قومي ٽيم کي هوم گرائونڊز جو ايڊوانٽيج حاصل هوندو