| زمبابوي هراري ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي اننگ تان شڪست ڏئي ڇڏي |
هراري(اسپورٽس نيوز) زمبابوي واحد ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش کي اننگز ۽ 85 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل واحد ٽيسٽ ميچ ۾ زمبابوي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي بنگلاديش کي اننگز ۽ 85 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. زمبابوي جي فتح جو هيرو اوپنر انوسنٽ ڪايا رهيو، جنهن پهرين اننگز ۾ 140 رنسن جي يادگار اننگز کيڏي ٽيم کي 410 رنسن جي مضبوط اسڪور تائين پهچايو. ان کانسواءِ ڪريگ اروائن 60، برائن بينيٽ 59 ۽ ويسلي مڌيويري ناٽ آئوٽ 77 رنسون ٺاهيون. بنگلاديشي ٽيم پهرين اننگز ۾ رڳو 140 ۽ ٻي اننگز ۾ 185 رنسون ٺاهي سگهي، مومن الحق 60 ۽ مشفيق الرحمان 34 رنسن سان ڪجهه مزاحمت ڪئي، پر زمبابوي جي بالنگ آڏو مهمان بيٽنگ لائن واري جي ڀت ثابت ٿي.زمبابوي طرفان بليسنگ مزاراباني 4، رچرڊ نگاراوا 3 ۽ نيومن نيامهوري 2 وڪيٽون ورتيون، انوسنٽ ڪايا کي شاندار سينچري تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.