| زمبابوي وومين ٽيم جي بيٽر بائونسر لڳڻ ڪري زخمي |
هراري (اسپورٽس نيوز) زمبابوي وومين ٽيم اوپنر ڪيلس اينڊلوو نيوزي لينڊ خلاف ٻئي ون ڊي انٽرنيشنل ۾ بائونسر لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي. ڊونيڊن جي يونيورسٽي فرسٽ گرائونڊ تي ڪيوي بالر بري ايلنگ جو بائونسر سندس هيلمٽ تي لڳو.ڪيلس اينڊلوو بال لڳڻ کان پوءِ فوري طور تي زمين تي ڪري پئي ۽ طبي عملي پاران ان جو معائنو ڪيو، ان کان پوءِ کيس مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو،ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي زمبابوي جي نگران هيڊ ڪوچ ڪيٽ ابراهيم چيو ته سٺي خبر اها آهي ته ڪيلسي اينڊلوو صحتياب ٿي رهي آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ خبر پوندي،