زميندار هارپو کائي ويو: ٽنڊي محمد خان ۾ نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو

مَي 17, 2025

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي ڦليلي روڊ جي بجلي واري پول تي 35 سالا نوجوان ورجانگ ڪولهي ڦاهو کاهي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڦليلي روڊ تي 35 سالا نوجوان ورجانگ ڪولهي پنهنجي زندگي جي ڏيئي اجهائڻ لاءِ بجلي جي 11 هزار وولٽيج واري پول تي چڙهي تار ۾ هٿ لڳايو ، بجلي لوڊشيڊنگ جي ڪري بند هجڻ سبب هو بچي ويو ته بعد ۾ پاڻ سان گڏ آندل رسي کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڦاهو کاهي آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري سندس لاش کي بجلي جي پول ۾ ٽنگيل ڏسي واٽهڙو ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس ۽ سفت تنظيم جي رضاڪار نوجوانن ذريعي لاش کي پول تان لاهي ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو . ٻڌايو پيو وڃي ته آپگھات جو ڪارڻ زميندار پاران نوجوان جا پيسا کائي وڃڻ ٻڌايو پيو وڃي.

واقعي تي سياسي سماجي ڌرين پاران ڏک جو اظهار، زميندار خلاف جاچ جي گھر

ٽنڊو محمد خان: آپگهات ڪندڙ فوتي نوجوان ٽنڊو محمد خان جي شيخ ڀرڪيو ڀرسان ڳوٺ لکانو خاصخيلي جو مستقل رهائش پذير هو، جنهن جي قومي شناختي ڪارڊ تي هاڻوڪي ايڊريس چڪ نمبر 35 گولاڙچي ضلعو بدين جو رهائش پذير هو ، وارث لاش کي شيخ ڀرڪيو کڻائي ويا جتي سندس آخري رسم ادا ڪئي ويندي. ساڃاھه وندن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر جي ايم گل، ڊاڪٽر احمد نوناري ، شهري اتحاد جي صدر نور حسن کوکر  ۽ ٻين  ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته 35 سالا نوجوان جي آپگهات واري واقعي جو فوري طور نوٽيس ورتو وڃي جنهن ۾ سندس حياتي ۾ ڏنل درخواست جي تحت بااثر زميندار خلاف قانون جي دائري ۾ ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

زميندار رهيل رقم نٿو ڏئي: آپگھات کان اڳ ورجانگ لڙڪ لاڙيندو رهيو

ٽنڊو محمد خان: آپگهات ڪندڙ فوتي نوجوان ورجانگ ڪولهي آپگهات کان اڳ بجلي جي پول تي چڙهڻ دوران اکين مان لڙڪ لاڙيندي مٿي چڙهي ويو، جنهن ۾ پهرين هن پول ڀرسان بيٺل راهگيرن کي اهو چئي ٻڌايو ته زميندار تي سندس وڏي رقم رهيل آهي جيڪو ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، جنهن بابت ٽنڊو محمد خان پوليس وٽ به انصاف لاءِ درخواست ڪئي هئي پر مون سان ڪو به انصاف نه ٿيو جنهن جي ڪري هاڻي آپگهات ڪريان ٿو ، بجلي جي پول تي مٿي چڙهڻ دوران کيس جيئن ئي روڊ تي بيٺل ماڻهن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو تيزي سان ٿنڀي تي چڙهي ويو ۽ بجلي نه هجڻ باوجود رسي سان ڦاهو کاهي پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ويو .

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل